تجنيس تام (Pun)، تام معنيٰ مڪمل؛ ڪلام ۾ ٻہ اهڙا لفظ آندا وڃن، جي لکڻ توڙي پڙهڻ ۾ هڪجهڙا هجن. پر انهن جي معنيٰ مختلف هجي. مثال تجنيس تام:

جا هَڙَ اَندَرُ جِيَّ، ساهَڙَ ڏِنِي ساھ کي؛
سا هَڙَ ڇُڙي نہ ساھ جِي، سا هَڙَ ساهَڙَ رِيَّ؛
ساهَڙَ ميڙِ، سَمِيعَ! تہ سا هَڙَ ڇُڙي ساھ جِي.
سُر سھڻي 5‏:14

هن بيت ۾ ساهڙ لفظ جون ٻہ معنائون آهن: هڪ جي معنيٰ آهي ساهڙُ، يعني ميھار ۽ ٻيو لفظ آهي، سا، هَڙَ يعني اُها ڳنڍ. هن کي تجنيس لفظي بہ چئبو آهي. [1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.