تجسس (Suspense) ڪنهن ڪهاڻيءَ جي پڙهندڙ، ڊرامي جي ڏسندڙ جي اها ڪيفيت يا انتظار، جنهن ۾ سندس ذهن ۾ اهڙو سوال اڀري ته ڪهاڻيءَ ۾ هاڻي ڇا ٿيندو يا ٿيڻ وارو آهي. اهڙي ڪيفيت کي تجسس يا اشتياق چيو ويندو آهي. درحقيقت جن ڪهاڻين، ناولن يا ڊرامن يا قصن ۾ تجسس جو عنصر وڌيڪ هوندو آهي، اهي ئي مقبول ٿيندا آهن. جاسوسي ادب ۾ تجسس جو عنصر غالب هوندو آهي.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.