تجريدي شاعريءَ (Abstract Poetry) ۾ شين يا خيالن کي اهڙي انداز ۾ پيش ڪيو ويندو آهي جو اهي حقيقت جي ابتڙ يا غير حقيقي لڳن. يعني اهي خيالي ڳالهيون اڻ ٿيڻيون لڳن، پر اهڙن نظمن جي پٺيان ڪا نہ ڪا حقيقت يا مقصد ضرور هجڻ گهرجي. تجريدي نظم کي ڳجهارت جو انداز بہ چئي سگهجي ٿو. جيئن ڳجهارت جي ظاهري صورت هڪڙي هوندي آهي پر ان جو اندر ان جي ڀڃڻي يا اصل حقيقت لڪل هوندي آهي.[1] ائين تجريدي نظم ۾ بہ اصل حقيقت نظم جي پس پرده لڪل هوندي آهي. يعني نظم جو بيان هڪڙو ۽ مقصد بلڪل جدا هوندو آهي. سنڌي تجريدي شاعريءَ ۾ پهريون نالو پيراڻي ڀنڀري (ڪلهوڙن جو دؤر) جو اچي ٿو، جنهن جي شاعري بيتن جي صورت ۾ آهي، پر ان ۾ تجريديت جا رنگ ڀريل آهن جديد دؤر ۾ ملڪ نديم (1946-2010ع) تجريدي شاعريءَ جو نمائندو شاعر ٿي گذريو آهي.[2]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي
  2. سنڌي آنلائين ڊڪشنري[مئل ڳنڍڻو] پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي