تجربيت پسنديءَ جو نظريو
تجربيت پسنديءَ جو نظريو (Tajrubeeyat pasandi jo Nazriyo) يا ايمپريڪل ٿيئري (Empirical Theory) سماجي توڙي فطري سائنس ۾ هي نظريو موجودات جي وضاحت يا انهن بابت اڳڪٿي ۽ خاص مشاهدن مان حاصل ٿيل نتيجن جي بنياد تي ڏئي ٿو. هن نظريئي ۾ ڪنهن به ڀانئين (Hypothesis) جي تصديق حقيقي دنيا ۾ ٿيل تجربن ۽ انهن مان مليل ڄاڻ جي آڌار تي ٿئي ٿي، هن قسم جي نظرين جو بنياد ڪنهن به مُتحرڪ ذهن ۾ اُٿيل سوالن کي اطمينان بخشڻ جي لاءِ هوندو آهي، جيتوڻيڪ ان جي ابتڙ بين الاقوامي لاڳاپن ۾ ڪيترن ماهرن ان نظريي کي پاليسين جا بنياد ٺاھن جي ڪوشش ڪئي آهي. مثال طور: وايوٽي - پي ۽ ايم ڪائوپي (Violti P and M Kouppi) پنهنجي ڪتاب ”بين الاقوامي لاڳاپن جي نظريئي“ ۾ اهڙي ڪوشش ڪئي آهي، پر عملي طور سندن وضاحتن کي ڪا گهڻي پُٺڀرائي نه ملي سگهي آهي، ڇاڪاڻ ته بين الاقوامي لاڳاپن ۾ هر تجربو نئون رخ ۽ رويو کڻي اچي ٿو، جيڪو مختلف رياستن ۾ مختلف نظرين کي جنم ڏئي ٿو. هيءُ نظريو ٻڌائي ٿو، ته بين الاقوامي لاڳاپن ۾ اختيار ڪيل هر پاليسي رياست ۾ ٿيل مخصوص تجربن ۽ انهن منهجان مليل نتيجن تي ٻڌل هوندي آهي، تنهن ڪري هر رياست جي ترجيح مختلف ٿئي ٿي، هيءُ نظريو ڪيترن حوالن سان طاقت ۽ ”طاقت جي توازن“ وارن تصورن کي چٽو ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿو.[1]
حوالا
سنواريو- ↑ سنڌي آنلائين ڊڪشنري[مئل ڳنڍڻو] پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد