چونڊن وقت تبديلي (انگريزي: Swing)، گذريل چونڊن ۽ ايندڙ چونڊن دوران، ووٽ ڏيندڙن پاران ڪنھن مخصوص تنظيم جي حق يا مخالف ۾ جڙندڙ حمايت کي ڏيکارڻ لاءِ استعمال ٿيندو آھي. ھن تبديلي کي اڪثر سيڪڙن ۾ ظاھر ڪيو ويندو آھي. ٻہ جماعتي نظام ۾ اھڙي تبديلي جو سيڪڙو ٻن تنظيمن جي وچ ۾ ڏيکاريو ويندو آھي. ھن قسم جي تبديلي صرف جماعتن جي مقبوليت لاءِ ماپي طور استعمال ناھي ٿيندي، پر خاص اميدوار، ضلعي يا علائقي اندر وڌندڙ يا گهٽجندڙ حمايت لاءِ پڻ استعمال ڪئي ويندي آھي.

ھن قسم جي تبديلي سياسي تنظيمن جي پاليسي جوڙيندڙ ادارن لاءِ اتنھائي ڪارائتي قرار ڏني ويندي آھي، ھن جي مدد سان تنظيمون ايندڙ چونڊن ۾ پنھنجي ڪاميابي بابت اندازو پڻ لڳائي سگهنديون آھن.[1]

وڌيڪ ڏسو

سنواريو
  1. "Track Record: 2010 Errors". www.electoralcalculus.co.uk.