تاج بانو براھوئي

تاج بانو براهوئي پھرين جنوري 1915ع تي ڳوٺ دين پور شريف، تعلقي ۽ ضلعي شڪارپور ۾ علامہ حاجي براهوئي دينپوري جي گهر ۾ جنم ورتو.[1]

تعليم ۽ خدمتون

سنواريو

هن ابتدائي ديني تعليم پنھنجي والد صاحب کان حاصل ڪئي. مڪمل طور تي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ ِوالد صاحب سندس شادي ڪرائي، جيئن تہ سندس والد بزرگ جيد عالم، اديب ۽ شاعر هو، ان ڪري تاج بانو بہ شاديءَ کانپوءِ ديني ۽ ادبي ڪمن ۾ اڳڀري ٿي. هن پنھنجي ڳوٺ ۾ عورتن جي لاءِ ’مدرسہ اسلاميہ البنات براهوئيہ دين پور‘ نالي هڪ مدرسو قائم ڪيو، جتي نياڻين ۽ عورتن کي تعليم ڏيڻ لڳي. تاج بانو جا سنڌي، براهوئي، بلوچي، فارسي ۽ اردو ٻولين ۾ اٽڪل پنجاھ ڪتاب لکيل آهن. هن پنھنجي ڳوٺ دين پور شريف ۾ پنھنجي مدرسي مان ادبي ديني درس ۽ تدريس لاءِ ڪيترائي ڪتاب لکيا ۽ مدرسه اسلاميہ البنات براهوئيہ دين پور، جي ڪورس ۾ شامل ڪيائين. سندس پھريون ڪتاب ’تاريخ النسوان‘ (حصو پھريون) 1353ھ/1934ع ۾ تاج بانو جي براهوئي ٻوليءَ ۾ شايع ٿيل ڪتابن ۾ ’تواريخ النسوان‘ (حصو پھريون) 1353ھ/1934ع ۽ ’تواريخ النسوان‘ (حصو ٻيو) 1354ھ/1935ع شامل آهن. ان کان علاوه سندس ڪيترائي اڻڇپيل ڪتاب آهن. وٽانئس ڪيتريون ئي نياڻيون علم واري زيور سان آراستہ ٿيون.[1]

خاندان

سنواريو

تاج بانو جي شادي سندس ويجهي عزيز مولانا جلال الدين پندراڻي سان ٿي هئي، جنھن مان کيس ٻن پٽن ۽ هڪ نياڻيءَ جو اولاد ٿيو. سندس اها نياڻي بہ پنھنجي وقت جي سٺي اديبہ ۽ شاعره هئي، جا خليفہ جي نالي سان مشھور هئي، جنھن جو اصل نالو امت الواجد هو. هوءَ بہ پنھنجي امڙ سان هر موڙ تي ديني ۽ ادبي خدمتن ۾ شامل رهندي هئي.[1]