تاج الملڪ ڪافوري


تاريخ فيروز شاهي ۾ آهي سلطان علاؤ الدين محفلن ۽ ڪچهرين ۾ هميشه پڇندو هو ته مون کي ڪهڙو ڪم ڪرڻ گهرجي جنهن سان منهنجو نالو قيامت تائين زندهه رهي. هاڻي مونوٽ دولت جام جمع ٿي ويئي آهي ۽ چاهيان ٿو ته دهلي کي ڪنهن جي حوالي ڪري سڪندر وانگر دنيا کي پنهنجي قبضي ۾ ڪرڻ لاءِ نڪري وڃان. هڪ ڏينهن دهلي جي ڪوتوال علاؤ الملڪ سان به ساڳي ڳالهه ڪري سڀ کان اهم مهمن جي باري ۾ پڇيائينس. علاؤ الملڪ چيو منهنجي راءِ آهي سڀ کان اڳ ۾ ته توهان کي هندستان جي سڀني صوبن کي فتح ڪري پنهنجي حڪم جو مطيع بڻائڻ گهرجي ۽ ڪنهن به باغيءَ جو نالو نشان نه ڇڏجي. ٻي جيڪا پهرين کان به اهم آهي سا مغلن جو رستو بند ڪرڻ آهي، جيڪي ملتان کان بار بار ڪاهه ڪن ٿا. شايد ان کان پوءِ سلطان علاؤ الدين گجرات تي الغ خان ۽ ملتان ۽ سيوستان جي گورنريءَ تي تاج الملڪ ڪافوري کي ويهاريو..[1].

تاج الملڪ ڪافوري
دھليجي خلجي سامراج يا ايمپائر جو ملتان ۽ سنڌ جو گورنر
کان تائين
پيشرو نصرت
جانشين ملڪ غازي تغلق
ريجنٽ سلطان علاءالدين خلجي
مذھب اسلام

خلجي گھراڻي جي سنڌ ۾ گورنرن جي فھرست سنواريو

حوالا سنواريو

  1. { http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book_page14.html.  Missing or empty |title= (مدد)ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي }