تھ منڊل يا تائمنڊل (انگريزي ٻولي: Troposphere) جي ڪُل ٿولهه لڳ ڀڳ 50 ميل آهي. تائمنڊل جي ٿولهه ڌرتيءَ جي هر هنڌ تي هڪ جهڙي ناهي، ڪٿي گھٽ ته ڪِٿي وڌ آهي. مثال طور، سمنڊ جي سطح ويجھو قطبي علائقن ۾ تائمنڊل جي ٿولهه / اوچائي 6 يا 7 ميل مس ٿيندي، جڏهن ته اڌوڙڪ ڀرسان اها 10 ميل کن ۽ آمريڪا، ڪئناڊا، يورپ يا ايشيا کنڊ جي اترين علائقن ۾ ان جي ٿولهه ستن کان اٺ ميل آهي. ان ڪري چئبو ته تائمنڊل 6 کان 10 ميل ٿلهو آهي. هوا ۾ موجود ڪُل ماليڪيولي ۽ گئسي مايي (mass) جو 75 سيڪڙو ۽ ٻاڦ، دونهون، بُوءِ، دَز، وڻن ٽِڻن جو ٻُور وغيره هن ئي تهه ۾ موجود آهن. هن تهه ۾ نائٽروجن گئس جو مقدار، گھربل ۽ مناسب آهي، جڏهن ته آڪسيجن گئس جو مقدار 25.94 سيڪڙو آهي. جيڪو سڀني “ساهوارن” لاءِ ڏاڍو مناسب آهي. گھڻي کان گھڻا ڪڪر ۽ گِهم به هن ئي تهه ۾ موجود آهن جن جي ڪري موسمي تبديليون اينديون رهن ٿيون. جاچ ۽ پرک ڪندي اها ڳالهه به سامهون آئي آهي ته هن تهه (تائمنڊل) جو مٿيون پرت (جنهن جي ٿولهه ڏيڍ ميل مَس ٿيندي) جھڙوڪر سڄي تهه مٿان ڍڪڻ جو ڪم ڪري ٿو، ڇو ته ان ۾ ماٺار وڌيڪ آهي. ان پرت کي “تائڍاڪ” سڏجي ٿو. تائڍاڪ تائمنڊل ۽ ان کان مٿين تهه سنگمنڊل جي وچ ۾ ڄڻڪ هوا جو پردو آهي.[1][2]

حوالا سنواريو

  1. ڌرتي منهنجو گهر (ڊاڪٽر محبت ٻرڙو) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-07-27 
  2. Atmosphere - Wikipedia