بھي
بِهي :(Quince) هنکي انگريزيءَ ۾ ڪُئِينس چوندا آهن. هي اهو ميوو آهي جنهن جي اندرئين ٻج کي بهي _ داڻا سڏيندا آهن ۽ جو هن ملڪ ۾ زالون ڀِڄائي وارن کي لائينديون آهن ۽ منجهس لِڳ لِڳ رهندي آهي. هي وڻ ٻاهرين ملڪن مان آندل آهي ۽ هاڻ ته لاهور، ڪلڪتي ۽ ٻين هنڌن ۾ به ٿيندو آهي. جون ۽ جولاءِ ۾ پچندو آهي. ڪچو کائي ڪين سگهبو آهي. رڌي کائبو آهي يا مربي ۾ ڪم آڻبو آهي. اڪثر هن جا قلم هڻندا آهن. صوف وانگي پوکبو آهي. ٽَڪرن تي چڱو ٿيندو آهي. ٻين هنڌن تي اڪثر ٻور گهڻو جهليندو آهي، مگر ڦر ڪو نه ڏيندو آهي.[1]
بھي | |
---|---|
Cydonia oblonga fruit and tree | |
سائنسي درجا بندي | |
Unrecognized taxon (fix): | Cydonia |
جنس: | Template:Taxonomy/Cydonia{. oblonga |
حياتياتي نالو | |
Cydonia oblonga Mill. |
حوالا
سنواريو- ↑ ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو