بھائي -يا- بھائيت -بھائي عقيدو(انگريزي ٻولي: Bahai Faith) ھڪ نئين مذھب جو نالو آهي جيڪو سڀني مذھبن جو ڀائيچارو ۽ ھر مذھب، رنگ، نسل ۽ جنس جي ماڻھن جي ٻڌي ء برابري سيکاري ٿو. توحيد ۾ يقين رکندڙ ھن مذھب جو باني بھاء الله ھيو جنھن الله جي نبي ھجڻ جي دعوا ڪئي ھئي. ھن جو اصل نالو مرزا حسين علي نوري ھيو جيڪو تھران جي ھڪ بااثر خاندان ۾ پيدا ٿيو ھو جيڪو بابي تحريڪ کان متاثر ٿي پنھنجي ويڳي ڀاء مرزا يحيا، جنھن جو لقب صوب ازل ھيو، سان گڏجي 1840 واري ڏھاڪي ۾ ان ۾ شامل ٿيو ھو [1] . 12 نومبر 1817ع ۾ تھران ۾ پيدا ٿيو ۽ 29 مئي 1891 ۾ عثماني خلافت جي شھر عڪا ۾ وفات ڪري ويو جيڪو ھاڻي موجوده اسرائيل ۾ آھي[2]. ھي سيد علي محمد شيرازي عرف باب جو پوئلڳ ھيو جنھن جو خيال ھو تہ خدا محمد صہ ۽ عيسي مسيح وانگر پنھنجو نبي موڪليندو. باب جي ھزارين مريدن کي انھن خيالن جي ڪري ايراني حڪومت مارائي ڇڏيو ۽ بھاء الله کي جلاوطن ڪيو جيڪو بغداد ۾ لڏي آيو. 1863 ۾ ھن پاڻ کي بھاء الله يعني خدا جو مظھر سڏائي ان نبي يا امام[1] ھجڻ جي دعوا ڪئي جنھن جي بشارت سيد علي محمد شيرازي ڪئي ھئي. ان دعوا بعد بابي تحريڪ جي پوئلڳن جي وڏي اڪثريت بھائي ٿي وئي ۽ جيڪي بھائي نہ ٿيا آھي بھاء الله جي ڀاء مرزا يحيا جا پوئلڳ ٿي ازلي سڏجڻ لڳا [1]. 1867 ۾ ھن دنيا جي سربراھن کي بھائي مذھب ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت جا خط موڪلي باقاعده اسلام کي ترڪ ڪيو[1]. کيس عثماني خليفي گرفتار ڪري موجودہ ترڪي جي يورپي حصي ۾ واقع شھر ادرنه جي جيل ۾ ۽ بعد ۾ عقا جي جيل ۾ بند رکيو جتي 1892 ۾ وفات ڪري ويو[1]. سندس وفات کان پوءِ سندس پٽ عبدالبھا ھن جي جاء تي ويھي ڪم شروع ڪري مذھب کي وڌايو[1]. ھي مذھب ھاڻي دنيا جي 233 ملڪن ۾ آهي[1].

ڀائي ستارو
ڀائي ستارو
بھائي مذھب جو بيت العدل اعظم جيڪو موجوده اسرائيل جي شھر ھائيفه ۾ واقع آهي

عقيدي جا اصول سنواريو

باب واري مزار ۽ ھائفه جي بندرگاھ
اسرائيل جي شھر ھائفه ۾ بھائي باغ ۾ باب جي مزار جتي بھاء الله دفن ٿيل آهي
بھائي باغ

ھي مذھب عالمي امن، مذھبي رواداري ، ۽ انساني برابري ۽ ڀائيچاري ۾ يقين رکي ٿو[1]. دنيا ۾ ھن وقت ھن مذھب جا مڃيندڙ 68 لک آھن جن مان ٽي لک ايران ۾ رھن ٿا[1]. ھن مذھب جي عقيدي جا ٽي بنيادي اصول آھن: خدا جي وحدانيت، مذھبي اتحاد ۽ انساني ڀائيچارو آھن. ھن مذھب مطابق خدا واحد ۽ اڪيلو آھي جيڪو دنيا ۾ پنھنجا نبي موڪلي پنھنجو اظھار ڪندو آهي. ھن مذھب جا پنھنجا مقدس ڪتاب عربي ۽ فارسي ٻوليءَ ۾ آھن. جن ۾ اھم ڪتاب الايقان يعني يقين وارو ڪتاب آھي ۽ سڀ کان پاڪ '''ڪتاب القدس''' آهي جيڪي انھن ۾ قرآن جي جاء وٺندڙ ڪتاب آهن[1]. شيعه ۽ سني فرقن وارا ھن مذھب شروع ڪندڙن کي مرتد سڏيندا آهن. ھن مذھب جا پوئلڳ ان کي الحامي مذھب سمجھندا آھن[1]. اسلام وانگر ھن مذھب ۾ ملائيت ڪانہ آھي. ھن مذھب ۾ شراب نوشي ۽ نشي وارين شين کان پرھيز، ساليانو روزا، روزاني نماز ، مردن ۽ عورتن جي برابر حيثيت، ھڪ شادي جو تصور آھي[1]. اسلامي ملڪن ۾ ھن مذھب وارن تي سختيون آھن ۽ کين مرتد سمجھيو وڃي ٿو پر سيڪيولر ملڪن ۾ ھي مذھب ڦھليو آهي. ھن وقت انھن جو مرڪز اسرائيل ۾ آھي[1].

حوالا سنواريو

  1. 1.00 1.01 1.02 1.03 1.04 1.05 1.06 1.07 1.08 1.09 1.10 1.11 1.12 - Encyclopedia of Islam- Juan E. Campo J. Gordon Melton, Series Editor-: Facts On File, Inc. An imprint of Infobase Publishing 132 West 31st Street New York NY 10001 - pages# 85,
  2. Scholch, Alexander. "The Demographic Development of Palestine, 1850–1882." International Journal of Middle East Studies, vol. 17, no. 4, 1985, pp. 485–505. JSTOR, JSTOR, https://www.jstor.org/stable/163415.