سکر ۽ بکر، درياهه سنڌ مٿان، ٻه علائقا آهن. بکر مٿئين پاسي ته سکر لھواري پاسي آهي. عام مشهور اهي عورت ڏاڍي ضدي ٿئي ٿي. ويندي هڪڙي پاسي، لڀندي ٻئي پاسي کان. ضدي وري ايڏي آهي جو مرڻ کان پوءِ به ضد نه ڇڏيندي آھي. پاڻ کي ٻين کان عقل ۾ وڌيڪ سمجھندي آھي. مرد ھڪڙيءَ تي ته پاڻ ٻيءَ تي ھوندي آھي. دنيا جي ھر معاملي ۾ پئي الجھندي ۽ ضد ڪندي آھي. هونئن ته مڙهه لھوارا لڙھندا آھن، پر ضدي عورت جو لاش وري اوڀارو پيو ترندي ويندو آھي، تنهنڪري تنز جي نموني طور چوندا آهن ته اهڙي عورت جو لاش به ڳولڻ لاءِ، هيٺ بدران، مٿي ڳولڻو پوندو آھي. ڇو جو عورت جو ضد تمام گھڻو مشھور آھي. ضد تي چڙھي، پاڻُ ڪھائي وجھندي پر ضد تان مور نه لھندي. ان حوالي سان سنڌي ٻوليءَ هي چوڻي به مشهور آهي. ”رن مري سکر، ڄار پوي بکر.” [1]