بڇيري-، نواب شاهه تعلقي جو اهم ڳوٺ، بلڪه ننڍو شهر آهي. هتي زرداري، سهتا، عباسي، -بروهي-، رند ۽ ٻيون ذاتيون رهن ٿيون. بڇيريءَ ۾ هاءِ اسڪول، گرلس مڊل اسڪول، ۽ آسپاس پرائمري اسڪول گهڻا آهن. واپار به چڱو هلندڙ آهي. هن ڳوٺ کي اسپتال، واٽرسپلاءِ نظام ۽ بجليءَ جون سهوليتون پڻ مليل آهن. نوابشاهه ۽ پڊعيدن جي وچ تي ريلوي -اسٽيشن- پڻ آهي. بڇيريءَ جو موجوده شهر -اسٽيشن- جي سهوليت سبب ريلوي لائين ويجهو جڙيو، نه ته اصل ڳوٺ کي هينئر پراڻي -بڇيري- چيو وڃي ٿو، جيڪو موجوده شهر کان -اتر- اولهه طرف ڏيڍ ڪلوميٽر کن جي پنڌ تي آهي. جتان اڳ ۾ درياهه وهندو هو. -ان- کان سواءِ انگريزن جي دؤر ۾ پوليس -ٿاڻو- ۽ ڪورٽ جي بلڊنگ موجوده شهر ويجهو ٺاهي وئي هئي، -ان- ڪري ماڻهو آهستي آهستي موجوده شهر ۾ اچڻ لڳا ۽ پراڻي بڇيريءَ ۾ فقط هڪ مسجد وڃي -بچي- آهي، جيڪا سم جي پاڻيءَ جي وچ ۾ اڃا تائين بيٺل حالت ۾ آهي. -ان- کانسواءِ هڪ درويش سيد لهري شاهه جي درگاهه پڻ موجود آهي. پراڻي بڇيريءَ ۾ تمام وڏا واريءَ جا دڙا آهن، جيڪي شاهدي ڏين ٿا ته سنڌو درياءُ ڪنهن زماني ۾ هتان وهندو هو. هڪ مقامي روايت موجب هيءُ ڳوٺ درياهه جي ڪنهن ڇاڙهه جي پُڇڙيءَ ۾ -آباد- هو، اُن ڪري ’پُڇڙيءَ‘ مان بدلجي ’-بڇيري-‘ بڻيو. پر عقل اها ڳالهه تسليم نه ٿو ڪري، -ان- جو پسمنظر ڪو ٻيو هوندو، جنهن تي -تحقيق- جي ضرورت آهي.[1]