گمبٽ ويجهو سچل ڊٻ مهر شاهه جو گادي نشين ۽ پ.پ ايم. پي. اي، 17 ڊسمبر 1952ع تي سيد صالح محمد شاهه جيلانيءَ جي گهر ۾ -جنم- ورتو. -بچل شاهه جيلاني-، وڪالت ۾ سيد غوث علي شاهه جو جونيئر به رهيو ۽ اُن جي نگران وزارت اعليٰ دؤران سندس روينيو بابت صلاحڪار پڻ هو. علم ادب سان چاهه سبب هڪ ناول ”-ٿر- اندر جا -ٿاڪ-“ لکيائين، جنهن جو مهاڳ سنڌ جي نامور اسڪالر الهداد ٻوهيي جو لکيل آهي. جيلاني صاحب 10 سالن تائين ڊسٽرڪٽ بار خيرپور جو صدر پڻ رهيو ۽ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جو ميمبر هئڻ سان گڏ هُو ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ کان پوءِ سچل چيئر جو چئن سالن تائين صلاحڪار به رهيو. -ان- کان علاوه ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ٻه ڀيرا ميمبر ۽ سنڌ ڪائونسل جو ميمبر پڻ رهيو. ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميشن خيرپور جو چيئرمين پڻ رهيو. -بچل شاهه جيلاني- هن وقت سنڌ اسيمبليءَ جو چونڊيل نمائندو آهي ۽ ۽ ”لا ائنڊ هيومن رائيٽس ڪميشن“ جو چيئرمين آهي.[1]

حوالا سنواريو