بچايو فقير عرف الهه بچايو پٽ بنگل خان رند، ڳوٺ اگهاماڻي، تعلقي ماتلي، تڏهوڪي ضلعي حيدرآباد جو رهاڪو هو. ننڍي هوندي ئي پيءُ وفات ڪري ويس، انهيءَ ڪري ننڍي وهيءَ ۾ ئي پيٽ گذر لاءِ مال چارڻ جو پورهيو ڪرڻو پيس. بعد ۾ ڳوٺ محمد خان رند تعلقي جهول ۾ لڏي وڃي ويٺو، -جتي- سندس اولاد اڃا رهي ٿو. سندس -بيت- مشهور آهن، جيڪي نڙ تي چيا ويندا آهن. اندازاً 80 ورهين جي ڄمار ۾ 27 رمضان 1364ھ/ ڊسمبر 1944ع ڌاري وفات ڪيائين.[1]

حوالا سنواريو