بپتسما (اصطباغ:Baptism) لفظ يوناني لفظ βάπτισμα يعني baptismaمان نڪتل لفظ اصل ۾ مسيحي ڪليسا جي ھڪ مقدس مذهبي رسم جو نالو آهي[1] جيڪا پاڻي سان ادا ڪئي ويندي آهي [2][3] مسيحيت م روايت آهي ته مسيح کي پڻ بپتسما ڏنو ويو هو [4][5][6][7]اھا ھڪ پاڪ سمجھي ويندڙ بپتسما جو حڪم مسيح جو ڏنل چوڻ۾ اچي ٿو ۽ بپتسما کي مسيحي بڻجڻ جو عمل يا ڪرسچيننگ (christianing) بہ چئبو آهي [8][9]عموماً ھي مسيحي بڻجڻ جو عمل جو لفظ ڪرسچيننگ(christianing) ٻارن سان منصوب ٿيندو آهي. [10] قرآن م ھن عمل يا رسم کي منظور نہ ڪيو ويو آهي. سورة البقرة جي آيت نمبر 138 ۾ بيان ٿيل آهي تہ " کين چؤ تہ اللهِ جو رنگ اختيار ڪيو، جو ان رنگ کان سٺو ٻيو ڪنھن جو رنگ ھوندو؟ " مولانا مودودي ان آيت جي تفسير م تفھيم القران ۾ ٻڌائي ٿو ته مسيحيت يا عيسائيت جي ظاھر ٿيڻ کان اڳ يھودين م رسم ھئي تہ جيڪو شخص انھن جي مذھب ۾ شامل ٿيندو ھو ان کي غسل ڏيندا ھئا. جنھن جو مطلب اھو ھيو تہ ان جا ايئن ڪرڻ سان گناھ ڌوپجي ويا ۽ ان زندگيءَ جو نئون رنگ اختيار ڪيو. اھا ساڳي رسم بعد ۾ مسيحين يا عيسائين پڻ اختيار ڪئي.انھن جو اصطلاحي نالو انھن م اصطباغ يا بپتسما رکيو.اھو اصطباغ نه صرف مذھب ۾ داخل ٿيندڙ وڏن کي پر ٻارن کي بہ ڏنو ويندو هو جنھن تي قرآن م اھا آيت آئي ته الله جو رنگ اختيار ڪيو جيڪو ڪنھن پاڻيءَ سان ناھي چڙھندو بلڪہ ان جي بندگيءَ سان چڙھندو آھي.[11]

Masaccio, Baptism of the Neophytes [it], برانڪيسي چيپل, فلورنس . تصوير ۾ افيوزن ذريعي بپتسما ڏيکاريل آهي. افيوزن ۾ مٿي تي پاڻي ھاري بپتسما ڏبو آهي.
اردن درياءَ جي پاسي ۾ المغتاس جا کنڊر جتي عيسي مسيح جو بپتسما ٿيو
اسرائيل ۾ قمران ۾ کوٽيل ميڪواہ

عيسائين جي هڪ مذهبي رسم Baptism، جنهن وسيلي ڪنهن فرد کي باقاعدي عيسائيت ۾ داخل ڪندا آهن يا غيرمذهب واري کي عيسائي بنائڻ يا ٻار کي ڄمڻ کان ڪجهه ڏينهن پوءِ گرجا ۾ پادري بيت المعمور جو پاڻي پياريندو آهي. اصل انگريزي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جو مفهوم آهي پاڻيءَ ۾ ٽٻي ڏيڻ، يا مٿان پاڻي وجهڻ. مسيحيت ۾ ان جو مطلب آهي ته انسان توبهه ڪئي ۽ سندس پويان گناهه ڌوپجي ويا. انجيل جي بيان موجب خود حضرت مسيح، يوحنا (حضرت يحييٰ) کان بپتسمو ورتو هو. مسيحيت قبول ڪندڙ مسيحين کي به بپتسمو ڏنو ويندو آهي. ڪي مسيحي، ٻارڙن کي به بپتسمو ڏيندا آهن ۽ ان وقت ان جو نالو به رکيو ويندو آهي.[12]

حوالا سنواريو

  1. St. Paul: Romans 8:15 "the spirit of adoption" ("of sonship" RSV), Galatians 4:5 "adoption of sons", Ephesians 1:15 "the adoption of children by Jesus Christ" ("to be his sons through Jesus Christ" RSV).
  2. "Baptism", Encyclopædia Britannica 
  3. For example, "baptized in the Catholic Church" (Second Vatican Council, Lumen gentium, 28 آرڪائيو ڪيا ويا September 6, 2014, حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
  4. [[[:سانچو:Bibleref2/url]] Matthew 3:16], [[[:سانچو:Bibleref2/url]] Mark 1:9–10], [[[:سانچو:Bibleref2/url]] Luke 3:21]
  5. Powell, Mark Allen (2005). Jesus as a figure in history : how modern historians view the man from Galilee (7th pr. ed.). Louisville: Knox. p. 47. ISBN 0-664-25703-8. 
  6. Harrington, Daniel J. (1991). The Gospel of Matthew. Collegeville, MI: Liturgical Press. p. 63. ISBN 0-8146-5803-2. 
  7. Lopez, Kathryn Muller Lopez (2010). Christianity : a biblical, historical, and theological guide for students. et alli (1st ed.). Macon, GA: Mercer University Press. pp. 95–96. ISBN 0-88146-204-7. 
  8. Faelli, Rita, Christianity: History, Beliefs, Worship and Celebrations, Blake Education, صفحو. 23, ISBN 9781741641011 
  9. Church of England: Weddings, Baptisms & Funerals, Anglican 
  10. Wootten, Pat, Christianity, Heinemann, صفحو. xiv, ISBN 9780435336349 
  11. سانچو:ڪتاب: تفھيم القرآن؛ جلد پھريون؛ مولانا ابوالاعلي مودودي؛ صہ 116 اداره ترجما القرآن لاھور
  12. http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A8%D9%BE%D8%AA%D8%B3%D9%85%D9%88