بِرلا گهراڻي (انگريزي ٻولي: Birla family) نه رڳو محنت ڪري پنهنجي بزنيس کي وڌايو آهي ۽ برلا گهراڻي جا فرد وڏا ماڻهو ٿيڻ جي باوجود به غريب عوام جي ڀلائيءَ جو ڏاڍو خيال رکن ٿا ۽ خير خيراتون ڪن ٿا. بنارس هندو يونيورسٽيءَ جي مندر کان سوائي برلا گهراڻي وارن هندستان جي ٻين به ڪيترن ئي شهرن ۾ وڏي خرچَ سان اُتم قسم جا مندر ٺهرايا آهن. ان کان سوائيَ سڄي هندستان ۾ هنن جون 18 خيراتي اسپتالون ۽ 45 اسڪول آهن. برلا انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي ائنڊ سائنس نه رڳو انڊيا جي شهرن: الهه آباد، ڪولڪتا، پٽنا، چنائي (مدراس)، جئپور، حيدرآباد دکن، گوا وغيره ۾ آهن، پر دبئي، مسقط، عمان ۽ راس الخيما (UAE) ۾ پڻ آهن.

Birla family
بُڻ بُڻياد Marwari Maheshwari
ويب سائيٽ
www.ckbirlagroup.com

برلا گهراڻي جو لاڳاپو راجستان جي مارواڙي مهيشوري ڪميونٽي سان آهي. سندن وڏي شِو نارائڻ برلا واپار خاطر 1857ع ۾ پنهنجي راجستاني ڳوٺ جھڻجھڻي مان لڏي بمبئي ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي. جِتي هن پنهنجو ٽريڊنگ هائوس کوليو. ان جي هلڻ سان 1861ع ۾هن پنهنجي پٽ بلديوداس برلا کي ڪلڪتي موڪليو ته هو اتي فئملي بزنيس شروع ڪري. اڄ برلا فئملي جو ڪيميڪلز، سيمينٽ، فائيبر، ميٽل، فرٽلائيزر کان بلبن، ڌاڳي، IT سروسز، ٽيليڪام ۽ سافٽ ويئر تائين 33 ملڪن ۾ آدتيا برلا گروپ نالي ڪاروبار آهي. آدتيا ٻلديو داس جو پٽ ۽ شِو نارائڻ جو پوٽو هو. اڄ ڪلهه آدتيا جو پٽ ڪمار منگارام برلا 1995ع کان وٺي جڏهن هو رڳو 28 سالن جو هو، برلا ڪمپني جو چيئرمين آهي. روينيو جي حساب سان هيءَ ڪمپني انڊيا جي ٽيون نمر (RIL ۽ ٽاٽا ڪمپني کان پوءِ) امير ڪمپني آهي، جنهن جي مختلف ڪارخانن ۽ آفيسن ۾ 136000 ماڻهو ڪم ڪن ٿا.

برلا ڪمپنيءَ (Birla company) جو هاڻوڪو چيئرمين ڪمار منگالام 1967ع ۾ ڄائو. هن جو ننڍپڻ ڪوڪلتا ۽ ممبئي ۾ گذريو. هن بي ڪام ممبئي يونيورسٽي مان ڪئي ۽ چارٽر اڪائونٽنسي لنڊن مان ڪئي. هن جي شادي نيرجا برلا سان ٿي، جيڪا اڄ ڪلهه برلا گروپ وارن جو ممبئي وارو مشهور تعلمي ادارو ادتيا برلا ورلڊ گروپ (Aditya Birla Group) هلائي ٿي. کين ٽي ٻار: انان ياشري، آريامان وڪرم ۽ ادوائتيشا آهن.[1] [2]

  1. بنارس کان برمودا (الطاف شيخ) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-09-08 
  2. ڪتاب: بنارس کان برمودا, ليکڪ: الطاف شيخ