بيگ ٽسي(انگريزي: Beg-tse) ,, تبتي ٻڌازم ۾ بيڪ ٽسي يا جامساران ھڪ جنگي ديوتا جو نالو آهي جيڪو ٻڌ مذهب کان اول منگولن جو جنگ جو ديوتا ھيو.[1] بيگ ٽسي ديوتا جي روپ ۾ ڳاڙهي چمڙي، ۽ نارنگي ڳاڙھسرا وار، ٻہ ٻانھون، ٽي رت ڪڍندڙ اکيون, ھٿ ۾ کنيل ھڪ تلوار، زنجيرن واري زرھ پاتل، منگولن واري ھيلميٽ ۾ پنجن کوپڙين واري تاج سميت ڏيکاريو ويندو آهي. ان جو جامساران وارو نماء گھڻي ڀاڱي منگول ۽ ڪجهه تبتي ٻڌ چام رقص ۾ ڪندا آهن جنھن ۾ ان ديوتا جو ماسڪ ۽ مخصوص لباس پائي نمائشي رقص ڪيو ويندو آهي.[2]

روسي شھر اولان اودي ۾ 2011 ۾ ٽسام ماسڪ جي نمائش

حوالا سنواريو

  1. Elisabetta Chiodo, The Mongolian Manuscripts on Birch Bark from Xarbuxyn Balgas in the Collection of the Mongolian Academy of Sciences, Volume 137 of Asiatische Forschungen, ISSN 0571-320X, 2000, p. 149, n. 11.
  2. Carole Pegg, Mongolian Music, Dance, & Oral Narrative, 2001, p. 158ff.