بيگونيا، هن انگريزي ڪتابي نالي هيٺ، ڪيترن ئي قسمن جا سهڻن پنن ۽ گلن وارا وڻ اچي وڃن ٿا.اڪثر هماليه جبل تي ٿين ٿا. ڪي برازيل مان آندا اٿن. بيگونيا ٻن مکيه قسمن جا آهن: هڪڙا اهي جن جا گل سهڻا ۽ ٻيا اهي جن جا پن سهڻا آهن. پهرئين قسم جا به وري ٻه قسم آهن: هڪڙا اهي جن جون پاڙون نلين جهڙيون آهن ۽ ٻيا اهي جن جون پاڙون اهڙيون ناهن. هي اڪثر ڇانو جي منهه هيٺ ۽ گهرن جي ورانڊن ۾ رکبا آهن هنن جي پوکڻ لاءِ هلڪي ۽ پوري زمين هئڻ چڱي آهي، ڇالاءِ جو هنن کي اڌ تائين ته پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ ٺڪرين سان ڀرجي. پوءِ مٽيءَ سان پراڻو پنن جو ڀاڻ ۽ درياهه جي واري هڪ جيتري ملائي، ٿوري گچ يا ڪڪريءَ جي ٽڪرن سان گڏي، منجهس وجهجي انهيءَ ۾ وڻ پوکجي. مٿانئس گچ جا وڏا ٽڪر رکي ڇڏجن ته جڏهن سلو نڪري تڏهن سندن پن مٿي رهن ۽ هيٺ مٽيءَ تي نه لڳن. لڙڪندرن کوکن يا ٽوڪرين ۾ به هي ٻوٽا رکندا آهن. هنن جا قلم به لڳندا آهن پر جي هڪڙو پن کڻي نج واريءَ ۾ پوربو ۽ چڱيءَ طرح پاڻي ڏبس ۽ مٿانئس شيشي جو ڍڪ ڏيئي ڇڏبو، ته منجهانئس ٻه ٽي سلا نڪري پوندا، سانوڻيءَ جي موسم انهيءَ ڪم لاءِ تمام چڱي آهي.

بيگونيا جا ٻه سو کن قسم لکيا اٿن. پر جڏهن انهن جا ڏيهي نالا سڃاڻپ لاءِ ڪنيهن، تڏهن سندن تفصيل ڏيڻ جو به ضرور نه ٿو ڏسجي. بيگونيا جو انگريزي رواجي نالو ايليفنٽس ايئر (يعني هاٿيءَ جو ڪن) آهي. هن جو مکيه قسم گلابي رنگ جا گل ڪندو آهي. هنن ۾ نر ۽ مادي به ٿيندا آهن. دکني ماڻهو هن کي موتيا سڏيندا آهن.[1]

  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو