بيواھ

وانڍي يا اها عورت جنھن جو مڙس مئل هجي

وانڍي: وڌواھ: وڊيو: Widow:

جپان جي شھر ٽوڪيو ۾ جنگ ۾ مارجي ويل فوجين جي بيواھ عورتن جي آشرم ۾ لڳل ھڪ بيواھ جو مجسمو

شادي شده عورت جنھن جو مڙس مري وڃي ان کي سنڌيءَ ۾ وانڍي چوندا آهن. هي ٻول دنيا جي ٻين ٻولين ۾ پڻ ٿوري گھڻي ڦيرڦار سان ڇاپيل آھي. ساڳي حالت ۾ مرد کي رنڙ چوندا آهن. ”وڌواهه“ لفظ ۾ ”و“ معنيٰ ”سواءِ“ ۽ ”ڌوَ“ معنيٰ ”مڙس“. سنسڪرت لفظ وڌوا جو اُچار انگريزيءَ ۾ آهي ”وڊو“ (Widow) ۽ بنيادي معنيٰ اٿس ”مڙس کان سواءِ“، يعني ”رن زال“، جا ”ڏنيل“ ۽ ”ڦلاونتي“ به سڏبي آهي. اڳي ڪنهن ڇوڪريءَ جو مڱئي هوندي مڙس مري ويندو هو، ته پوءِ هن جو وري مڱجڻ ۽ پرڻجڻ اعتراض جوڳي ڳالهه نه ليکبي هئي. اڄ به ائين آهي. جيڪڏهن پرڻجڻ کان پوءِ ڪنهن جو پتي گذاري ويندو هو، ته نڪي اها ڏنيل زال وري پرڻجڻ پسند ڪندي هئي، نڪو ماڻهو وڌوائن سان پرڻجڻ عام طرح پسند ڪندا هئا. انهيءَ هوندي به وڌوا وواهه ٿيندا هئا. ”دڌشو“ (Didhishu) معنيٰ ”اُهو مرد جو ڪنهن وڌوا سان پرڻيو هجي“. ”پر پورو“ (Parapurava) معنيٰ ”اُها زال جنهن نه ٻيو مڙس ڪيو هجي“. پؤنر ڀَوَ“ (Panuarbhava) معنيٰ ”وڌوا زال جو ٻئي مڙس مان ڄاول پٽ“. اهي لفظ خود ڄاڻائين ٿا ته وڌوائون پرڻبيون هيون. منوسمرتيءَ۾ ڄاڻايل آهي ته قديم زماني ۾ وين“ نالي هڪ راجا ٿي گذريو آهي، جو وڌوائن کي زوريءَ پرڻائيندو هو، جنهنڪري ڪيترا ”دوجه“ (Twice born) يعني براهمڻ، کتري ۽ وئش دل ۾ ڪندا هئا، (9- 65–66 شلوڪ). اڄ به ڪيترن جا اهي خيال آهن ته جيڪا وڌوا رهي سگهي، تنهن کي زوريءَ پرڻائڻ واجب نه آهي، پر جا نه رهي سگهي، تنهن کي وريپرڻجڻ کان روڪڻ روا نه آهي.[1]

  1. {ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page21.html.  Missing or empty |title= (مدد)