بيهڪ جون نشانيون

بيهڪ جون نشانيون جملي جي معنى سمجھڻ لاءِ بيهڪ جو نشانيون جو سهي استعمال تمام گھڻو لاچاري آهي. بيهڪ نشانين

کان سواءِ جملو بي معنى ۽ اڍنگھو پڻ لڳندو آهي.

سنڌي ۾ ٻولي هيٺين مکيه نشانين جو ڪارج ٿيندو آهي.

پورو دم (.) Full Stop or Period سنواريو

جڏهن هڪ ويچار وارو جملو پورو ٿيندو آهي، تڏهن سندس پڇاڙي ۾ پوري دم جي نشاني ڏبي آهي.

پڙهڻ وقت اُتي چڱو ساهي پٽجي.

مثال طور؛- هالار اڄ شهر ڪو نه ويندو.

دم (:) Colon سنواريو

هن نشاني جو ڪارج ڳالھ ٻولھ ۾ ڪنهن ماڻهو جي چيل لفظ هوبهو ساڳيا لکڻا هجن يا ڪن شين جي ياداشت لکجي ته اڳيان دم جي نشاني ڏجي.

مثال طور؛- چوڻي آهي : .انسان کي کپي؛اٽو، لٽو ۽ اجھو.

اڌ دم (:)Semi-Colon سنواريو

ڻجنهن جملي جا ٻه يا وڌيڪ ڀاڱا هجن ۽ انهن جو پاڻ ۾ لاڳاپو هجي، يا ٻه ڌار ڌار ويچارن وارا اصطلاح گڏ اچن يا انهن جو پاڻ ۾ لاڳاپو هجي، اُتي اڌ دم ڏجي.

مثال طور؛- بادشاھ پنهنجي عقل سان ملڪ هلائي ٿو؛ سپاهي ان لاءِ وڙهي ٿو؛ جج انصاف ڪري ٿو؛ استاد علم سيکاري ٿو؛ اهڙي ريت هي سنسار هلي ٿو.

ٿورو دم (،) Comma سنواريو

ڪنهن به جملي ۾ ٻه يا وڌيڪ ٻولن، شين يا ماڻهن جا نالا، اصطلاحون ڪم آيل هجن، ته هر هڪ جي پٺيان ٿوري دم جي نشاني ڏبي آهي.

مثال طور؛- هالار، سرواڻ، سرويڇ ۽ دودو ڀنڀور گھمڻ ويا آهن.

ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٺٽو سنڌ جي راڄ ڌاني رهيا آهن.

مرد هجي يا عورت، ٻار هجي يا ٻڍو، امير هجي يا فقير سڀني کي ڌڻي در جھڪڻو آهي.

سوال (؟) Question-Mark سنواريو

ڪنهن به جملي ۾ سوال پڇڻ جو مطلب رکيل هجي ته پويان سوال جي نشاني ڏجي.

مثال طور؛ اوهان جو نالو ڇا آهي؟

اڄ ڪهڙو ڏينهن آهي؟

عجب جي نشاني (!) Exclamation-Mark سنواريو

هي نشاني حرف ندا کان پوءِ استعمال ٿيندي آهي، يعني ته جڏهن جملي ما حيرت، عجب، افسوس، ڏک، ارمان، سڏ، جوش ۽ خوشي ظاهر ٿئي ته ان جي پويان عجب جي نشاني ڏجي.

شاباس! هير اڄ اوهان هڪ غريب جي مدد ڪئي آهي.

واھ واھ! سڀاڻي عيد آهي.

مار! ايڏو وڏو نانگ.

گھوڙا ڙي گھوڙا! گهر کي باھ لڳي وئي.

قول/ڳالھ/واڪ جي نشاني (" ") Quotation-Mark سنواريو

قول جي نشاني يا واڪ جي نشاني تڏهن ڏبي آهي جڏهن ڪنهن جا چيل لفظ جملي ۾ استعمال ڪجن، ته اُتي واڪ جون نشانيون ڏجن.

مثال طور؛- ٽيپو سلطان جو قول آهي :"گدڙ جي سئو سال زندگي کان شينهن جي هڪ ڏينهن جي زندگي بهتر آهي."

چوندا آهن ته: " ماسيون نه مائون ٿين، ڪاڪا نه پيءَ ٿين."

ڏنگيون ( ) Brackets سنواريو

ڪنهن ٻول يا لفظ يا جملي کي وڌيڪ چٽو يا صاف ڪرڻ لاءِ جملي جي وچ ۾ ڏنگين جا نشانن ۾ رکڻو پوندو آهي.

مثال طور؛- حضرت علي جو لقب اسد الله (الله جو شينهن) آهي.

شمس العلماء (عالمن جو سج ) عمر بن محمد دائودپوٽو وڏو عالم هو.

شاھ عبداللطيف ڀٽائي (1689-1752) عظيم شاعر ٿي گذريو آهي.