بيل ڦل
بيل ڦَل هڪڙو ننڍو وڻ آهي، جو هندستان جي گهڻن هنڌن ۾ ٿئي ٿو. هن جو ميوو جدا جدا قد جو ٿئي ٿو. وڏو ته ماڻهوءَ جي مٿي کان به وڏو ٿو ٿئي ۽ ننڍو ڪر ڪيٽ جي کينهوڙي جيڏو ٿو ٿئي. کَل سنهي ۽ ڦِڪي سائي رنگ ٿي ٿئيس، جا ڏاڍي زور سان ٿي ڀڄي. ان جي اندر ڪويٺ وانگي نرم پيلي رٻ جهڙي شيءِ رهي ٿي، جا سرهي ٿيندي آهي. گهڻن کي کائڻ ۾ لذت ڏيندي آهي ۽ گهڻن کي نه. اها دوا ۾ گهڻو ڪم ايندي آهي. بنگال ۾ جنوريءَ ۽ فيبروريءَ مهينن ۾ اهو ميوو لهندو آهي ۽ اتر هندستان ۾ مهينو کن پوءِ ڀرو.
هي وڻ ٻج مان يا پيوند ڪرڻ سان پيدا ٿي سگهندو آهي. برسات جي ڏينهن ۾ پوکڻ گهرجي. چون ٿا ته هن مان جو شربت ٺهندو آهي، سو پيچ يا سوريءَ لاءِ تمام چڱو آهي. ان جي جيلي يا مربو به انهيءَ بيماريءَ لاءِ مفيد آهي. هماليه جبل ۾ بيل ڦل جهنگلي به ٿيندا آهن پر اهي کائڻ جي لائق ناهن. بيل ڦل کي انگريزيءَ ۾ بيل فروٽ چوندا آهن[1]
حوالا
سنواريو- ↑ ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو