بيلٽ ڪميٽي (Ballot committee) : اردو ۾ کمیٹی  : جنھن کي مختصرن بي سي ۽ بگڙيل اختصار وي سي يا ويسي جيڪو عام آھي. اھا ھڪ بچت ڪميٽي آھي جيڪي رضاڪارانہ محلن، ويڙھن، مائٽن، دوستن ۽ پاڙن م ماڻھو ماھوار يا ڏھن ، يا پندرهن يا ويھن ڏينھن يا مخصوص عرصي ۾ مقرر ڏينھن تي مقرر پئسن جو حصو جمع ڪري بيلٽ يا ڪڻي ذريعي نالو ڪڍي پئسا ڪنھن ھڪ ميمبر جي حوالي ڪيا ويندا آهن ۽ واري واري سان سڀئي ميمبر اھڙي طرح حصو کڻندا رھن ٿا جيستائين سڀني کي پئسا ملي وڃن. عام طور تي اردو ۾ ان کي ڪميٽي چئبو آھي. بئلٽ ڪاميٽي جو اختصار بي.سي. (BC) آھي جيڪو سنڌي ۾ بگڙي وي. سي. يا وي سي (VC) ٿي ويو آهي.