بيدار مورائي، جنهن جو اصل نالو خليفو فتح الدين سومرو آهي، موري شهر جو هڪ مشهور ليکڪ، اديب ۽ صوفي درويش هو. پاڻ 2013 ۾ وفات ڪيائين.

سوانح سنواريو

بيدار مورائي موري شهر، ضلعي نوشهروفيروز ۾ پيدا ٿيو. جوانيءَ ۾ سنڌ جي مشهور صوفي بزرگ خواجه عبدالغفار نقشبندي عرف پير مٺا سائين جو مريد ٿيو. کانئس پوءِ سندس وڏي خليفي پير سهڻا سائين سان بيعت ڪيائين، ۽ 1970 ۾ خلافت پڻ حاصل ڪيائين. 1983 ۾ سهڻا سائين جي وفات کانپوءِ سندس فرزند ۽ گادي نشين پير سڄڻ سائين سان بيعت ڪيائين. پاڻ 2013 ۾ اربع ڏينهن 18 ڊسمبر تي شام سوا ست وڳي وفات ڪيائين (مطابق 15 صفر 1435ھ). سندس جنازي جي نماز سندس مرشد پير سڄڻ سائين پڙهائي، ۽ کيس موري جي خليفه قبرستان ۾ دفنايو ويو.

لکڻيون سنواريو

بيدار مورائي هڪ بهترين ليکڪ ۽ اديب هو ۽ پنهنجي قلم ذريعي ديني ۽ سماجي موضوعن تي لکندو هو. سندس ڪتابن ۾ ناول ۽ ڪهاڻيون، سوانح حيات، ملفوظات ۽ پنهنجي پيرن جا مڪتوبات شامل آهن.