بيت الرحمان جامع مسجد
بیت الرحمان جامع مسجد ( Acehnese: Meuseujid Raya Baiturrahman) انڊونيشيا جي ریاست بنڊا آچيہ جي شھر آچيہ جي مرڪز م واقع ھڪ مسجد آھي. بيت الرحمان گرانڊ مسجد آچیني قوم جي مذهب، ثقافت، روح، طاقت ۽ جدوجهد جي علامت آهي. مسجد بنڊا آچیہ جي هڪ تاريخي نشاني آهي جيڪا سال 2004ع هندي سمنڊ جي زلزلي ۽ سونامي کان بچي وئي آهي.
بيت الرحمان جامع مسجد | |
---|---|
Masjid Raya Baiturrahman مسجد راي بيت الرحمن Meuseujid Raya Baiturrahman Grote moskee van Baiturrahman | |
بيت الرحمان جامع مسجد | |
بنيادي ڄاڻ | |
جاءِ | Banda Aceh, Indonesia |
مقانيت | 5°33′13″N 95°19′1.9″E / 5.55361°N 95.317194°E |
وابستگي | اسلام |
تفصيل تعميرات | |
تجويز اڏاوت | جی بروئنز |
قسم اڏاوت | مسجد |
قسم اڏاوت | ھندی۔عربی فن تعمیر |
بنياد جو پٿر | 1879ع |
مڪمل سال | 1881ع |
خصوصيتون | |
گنجائش | 30,000 |
Interior area | 1٬500 m2 (16٬000 sq ft) |
قبو | 7 |
منارا | 8 |
تاريخ
سنواريواصل مسجد رايا (وڏي مسجد) سال 1612ع ۾ سلطان اسڪندر مودا جي دور حڪومت ۾ ٺاهي وئي. ڪن جو چوڻ آهي ته اصل مسجد ان کان به اڳ 1292ع ۾ سلطان علاءُ الدين محمود سیاهه تعمير ڪئي هئي. اصل شاهي مسجد هڪ گهڻ ٽائرن واري ڇت تي مشتمل هئي، جيڪا آچینیز فن تعمير جي هڪ خاص خصوصيت هئي.[1] ڊچ نوآبادياتي حملي ۾ ان کي ساڙيو ويو، سال 1879ع ۾ هن جو بیھر تعمیر شروع ٿيو ۽ پهريون پٿر ٽينگڪو قاضي ملڪ العادل رکيو، جيڪو ان جو پهريون امام ٿيو. مسجد جو تکمیل سلطان محمد دائود سياه جي دور ۾ 27 ڊسمبر، 1881ع ۾ ٿيو.
شروعات ۾، مسجد صرف هڪ گنبد ۽ هڪ مينار ڏيکاري ٿو. وڌيڪ گنبد ۽ مينار سال 1935ع، 1958ع ۽ 1982ع ۾ شامل ڪيا ويا. اڄ، مسجد ۾ ست گنبد ۽ اٺ مينار آهن. مسجد سال 2004ع جي زلزلي ۽ سونامي کان بچي وئي، جيئن ته ڀت جي ٽڪرن کي معمولي نقصان پھتو ۽ زلزلو مکيه دروازي وٽان 35 ميٽر (115 فٽ) ڊگھي مينار کي ٿورو جھڪيو ھو. آفت جي دوران، مسجد بي گهر ماڻهن لاءِ عارضي پناهه گاهه طور ڪم ڪيو ۽ صرف ٻن هفتن کان پوءِ نماز لاءِ ٻيهر کوليو ويو.
حوالا
سنواريو- ↑ Gunawan Tjahjono (1998). Indonesian Heritage-Architecture. Singapore: Archipelago Press. pp. 81–82. ISBN 981-3018-30-5. https://archive.org/details/architecture00indo/page/81.