بياني لسانيات (Descriptive Linguistics) کي ’وضاحتي لسانيات‘ يا ’توضيحي لسانيات‘ بہ چئبو آهي. ڪنھن بہ ٻوليءَ جي عملي طريقن جو ڪنھن بہ هڪ دور ۾ جائزو ورتو ويندو آهي؛ اهو دور چاهي حال جو هجي يا ماضيءَ جي دورن مان ڪو بہ هڪ هجي، پر ان دور جو لکيل رڪارڊ موجود هجي. ’بياني لسانيات‘ ۾ جڏهن ڪنھن ٻوليءَ جي هڪ خاص دور جو جائزو ورتو ويندو آهي، تڏهن ان دور جي ماضيءَ ، توڙي مستقبل جو، ڪو لحاظ نہ رکبو آهي ۽ انھن کي بلڪل نظرانداز ڪري پوءِ ان دور ۾ زبان جون خصوصيتون بيان ڪيون وينديون آهن. ساڳئي وقت انھن ٻين ٻولين کي بہ نظرانداز ڪيو ويندو آهي، جيڪي ان سان گڏوگڏ چالو هونديون آهن.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ