بياض بياضن ۾ عام طور شعرن جو انتخاب هوندو هو، پر ان سان گڏ ذاتي 77 خنداني حال، خاص خاص سن ۽ ڄمڻ مرڻ جون تاريخون، ڪن اهم حادثن ۽ واقعن بابت يادگيريون هونديون هيون. ڪڏهن ڪڏهن اهم مختصر تاريخي واقعا ۽ معلومات ۽ مجرب نسخا به بياضن ۾ لکي محفوظ ڪرڻ جو رواج هو. سنڌ ۾ اهڙا بياض تمام گهڻا آهن.[1] تحقيق ۾ بياضن جي به اهميت قديم ڪتابن جيتري هوندي آهي ڇو ته بياضن ۾ شاعرن جو مڪمل ڪلام ۽ زندگي جو احوال ڏنل هوندو آهي. اهڙي طرح شاعرن جي ڪلام ۽ حياتي جون شهادتون ملي سگھن ٿيون جنهن سان مواد جي تحقيق ٿي سگھي ٿي. بياض ۾ غير مشهور شاعرن توڙي مشهور شاعرن جو ڪلام به ڏنل هوندو آهي. اهو ڪلام ڪڏهن تاريخي ترتيب تي مرتب ٿيل هوندو آهي ۽ ڪڏهن وقت جي لحاظ کان ترتيب ڏنل هوندو آهي ۽ ڪن بياضن ۾ شاعرن جو منتخت ڪلام گڏڪيل هوندو آهي. اهڙي طرح بياضن ۾ ننڍن توڙي وڏن شاعرن جو ڪلام هوندو آهي تنهنڪري بياضن مان ڪنهن تحقيق لاءِ وڌ ۾ وڌ شاعرن جو ڪلام ملي سگھي ٿو. بياض ۾ ڇپيل ڪلام کان سواءِ اڻ ڇپيل ڪلام ملندو آهي.[2]

  1. سنڌي رسالي جي ترتيب ۽ ان جو پس منظر؛ الياس عشقي ؛مھراڻ رسالو؛ جلد 35؛ 1986؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
  2. {ڪتاب: تحقيق جو فن؛ از: ڊاڪٽر غلام حسين ؛ پھريون ايڊيشن 1983، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book48/Book_page2.html.  Missing or empty |title= (مدد)}