بوهيمن __(Bohemian):

بوھيمين جا روايتي لباس

چيڪ ريپبلڪ جي علائقي بوھيميا جا رھاڪو. بوھيميا جو علائقو پھرين بوھيميا جي بادشاھت ھيو. انگريزيءَ ۾ بوھيمين ويھين صديءَ جي شروعاتي عرصي کان اڳ چيڪ ماڻھن جي سڃاڻپ لاءِ استعمال ٿيندو ھيو بعد ۾ ويھين صديءَ ۾ چيڪ لفظ جو استعمال شروع ٿيو.[1] لفظ بوھيميا لفظ بوئي (Boii) مان نڪتل آهي جيڪو ڪيلٽڪ قبيلو ھو جو ان علائقي ۾ رھندو ھو.[2]

بوھيمين __ھڪ اصطلاح سنواريو

هي يورپي ادبي اصطلاح اهڙن اديبن، شاعرن ۽ فنڪارن لاءِ آندو ويندو آهي، جيڪي پنهنجي زندگي بي ترتيب ۽ منتشر نموني گذاريندا اھن. اهي روايتن کان پاسيرو رهندا آهن. هي لفظ ابتدا ۾ جپسين(Gypsies) لاءِ استعمال ٿيندو هو.[3].[1]

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 "Bohemian" آرڪائيو ڪيا ويا 2011-09-11 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين., Oxford Dictionaries online, Oxford University Press, Retrieved on: 2011-09-14
  2. Tacitus, Germania 28.
  3. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي