بنڊونگ ڪانفرنس

1955ع ۾ ايشيائي ۽ آفريڪي رياستن جي گڏجاڻي

بنڊونگ ڪانفرنس (Bandong Conference) انڊونيشيا جي شهر بنڊونگ ۾ 18 کان 24 اپريل 1955ع تائين ٿي، جنهن ۾ ٽين دنيا جي 29 ملڪن شرڪت ڪئي. ان ڪانفرنس جو وڏو مقصد ايشيا ۽ آفريقا سان لاڳاپيل ٽين دنيا جي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي سهڪار وڌائڻ هو ته جيئن اهي دُنيا جي ٻن وڏين طاقتن سوويت يونين ۽ آمريڪا تي ڀاڙي نه ويهن ۽ نتيجي ۾ سندن سياسي ايجنڊا کي مڃڻ لاءِ زور ڀرين. ان کانسواءِ اِن ڪانفرنس ۾ غريب ملڪن کي بيٺڪي نظام مان آجو ڪرائڻ لاءِ به ويچاريو ويو. جنهن جي نتيجي ۾ اڳتي هلي ٻن وڏين طاقتن جي اثر کان آزاد اڻ ڌري تحريڪ (Non-Aligned Movement) جو قيام ٿيڻ جوڳو ٿيو. آزاد ٿيل مُلڪن جا سربراهه مثال طور: جواهر لال نهرو، مصر جو جمال عبدالناصر، يوگو سلاويا جو جوزف ٽيٽو ۽ انڊونيشيائي صدر احمد سوئيڪارنو وغيره انهيءَ ڪانفرنس ۾ ٽين دنيا جا اڳواڻ ٿي اڀريا. [1]

حوالا سنواريو