بنياد پرستي

روايتي يقينن ڏانھن سخت لڳاءُ

بنياد پرستي (Fundamentalism) بنياد پرستي، اصل ۾ هڪ تحريڪ هئي، جيڪا عيسائي مذهب وارن شروع ڪئي هئي، جنهن ۾ روايتي پروٽيسٽنٽ عقيدي تي سختيءَ سان زور ڏنو ويو جنهن موجب آسماني صحيفن کي غلطين کان آجو سمجهڻ ۽ عيسائين جي بنيادي اصولن جي مڪمل پيروي ڪرڻ هو، اڄ ڪلھ بنياد پرستيءَ جو اصطلاح مسلمانن جي انهيءَ گروھ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي, جيڪي جهاد ۽ اسلام جي بنيادي نظرين ۽ رسمي ادائگين تي سختيءَ سان ڪاربند رهڻ تي زور ڏين ٿا ۽ ان لاءِ تشدد کان بہ گريز نہ ٿا ڪن. بنياد پرستي رڳو مسلمانن وٽ نہ، پر هندن، عيسائين وغيره وٽ بہ آهي، جنهن موجب ڌرم يا مذهب جي ظاهري رسمن تي سختيءَ سان عمل ڪرائڻ مقصود آهي. اڄڪلهه بنياد پرستي صحافتي ادب جو خاص موضوع آهي. [1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.