گل بنفشو

(بنفشہ کان چوريل)

گل بنفشو، سوسني رنگ، واڱڻائي' (Violet,Pensy, Heartsease) هي مدامي گل جو ٻوٽو آهي، مگر ولايتي قسم جو چڱو نه ٿيندو آهي. بهتر آهي ته انهيءَ جو هر سال نئون ٻج پوکجي. بُوءِ وارو بنفشو هن ملڪ ۾ ٿيندو آهي، خاص ڪري دکن ۾. اهو ٻج مان ٿيندو آهي، جو سياري جي موسم ۾ پوکيندا آهن. ولايتي بنفشو، جنهن کي ٽه-رنگو بنفشو چوندا آهن، تنهن جو ٻج سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر ۾ پوکبو آهي. جڏهن ٻوڙو ڇهه پن ڪڍي، تڏهن سلن جون چڪيون ڪڍي يا پاڙن سوڌا سلا ڪڍي، ننڍين ڪونڊين ۾ گڏي يا ڌار ڌار ڪري رکجن. هن گل جي ٻوڙي کي ڇانو وڻندي آهي. پاڻي ججهو هجيس ۽ زمين يا مٽي پراڻي ۽ ڳائي ڀاڻ سان ڀريل هئڻ کپي، جنهن ۾ ٿوري درياهه جي واري به مليل هجي. جڏهن هي ٻوٽو يڪي ڏانڍي ڪڍي فوٽ ڏيڍ جيڏو ٿئي؛ تڏهن چپٽيءَ سان چهنبڙي نپوڙي ڇڏجيس، ته هيٺان پاسن کان ٽارڙيون ڪڍي ۽ گيل ڪري. هن کي انگريزيءَ ۾ وهايو ليٽ يا پانسي يا هارٽس-ايز (يعني دل جو آرام يا دلارام) چوندا آهن.[1]

Heartsease flowers.
Flowers of Viola tricolor

Heartsease
سائنسي درجا بندي e
Unrecognized taxon (fix): Viola (plant)
جنس: Template:Taxonomy/Viola (plant){. tricolor
حياتياتي نالو
Viola tricolor
L.

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو