بلاول فقير زرداري

بلاول فقير زرداري 1705ع ۾ ڄائو. هيءُ سنڌ جو درويش صفت ماڻهو هو .بلاول ،شھزادي ميان مرادياب ۽ ميان غلام شاھ سان گڏ رهيو ۽ ميان غلام شاھ جو خاص صلاحڪار بہ ٿي رهيو. سندس وفات 1754ع ۾ ٿي. بلاول فقير جو مقبرو نوابشاھ کان ٽن ڪوهن تي، اتر طرف دوڙ روڊ کان هڪ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي آهي، جيڪو هاڻي” بالو فقير جي قبي “جي نالي سان مشھور آهي. هن بزرگ جي نالي تي نواب شاھ ۾ بلاول انسٽيٽيوٽ آف ڪلچر اينڊ هسٽري قائم ڪيو ويو آهي.[1]

  1. "بلاول فقير زرداري : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2021-06-07.