بغداد خاتون

هيءَ امير ”چوپان “ جي ڌيءُ هئي، جو مغلن جي بادشاهه سلطان ابو سعيد وٽ امير الامراءَ هو. چوپانين جي بادشاهي چاليهه سال هلي. اُهي چنگيز خان جي اولاد مان  هئا. بغداد خاتون ڏاڍي خوبصورت، هوشيار ۽ جرائت واري هئي. هوءَ شيخ ”حسن ڪبير“ جي زال هئي، جو انهيءَ وقت جي بزرگن مان هو. سلطان ابو سعيد هن کي ڏسي مٿس عاشق ٿي پيو، ۽ انهيءَ سان شادي ڪرڻ جو ارادو ڪيائين. تنهنڪري لاچار ٿي، شيخ حسن هُن کي طلاق ڏيئي ڇڏي. چون ٿا، ته چنگيز خاني بادشاهن جو دستور هوندو هو، ته جنهن جي زال ڏي رغبت ڪندا هئا، سو انهيءَ کي طلاق ڏيئي ڇڏيندو هو. سلطان سعيد هن زال کي حڪومت جي ڪم ۾ اهڙو هوشيار ڏٺو، جو بادشاهيءَ جو سڄو ڪم ڪار هن جي حوالي کڻي ڪيائين _ جنهنڪري انهيءَ خاتون کي ”خنڪار“ (يعنيٰ خداونِد ڪار) سڏيندا هئا، جڏهن سلطان سعيد وفات ڪئي، ۽ ”ارپا خان“ سندس جاءِ تي بادشاهه ٿيو، تڏهن هن ”بغداد خاتونءَ تي اها تهمت آندي ته هن سلطان ابو سعيد کي زهر ڏيئي ماريو آهي _ انهيءَ عذر تي کيس مارائي ڇڏيائين.[1]
  1. {ڪتاب: تحفتہ النسوان؛ از: مرزا قليچ بيگ؛پھريون ايڊيشن 1958، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Personalties/Book2/Book_page13.html.  Missing or empty |title= (مدد)}