بعث پارٽي

بعث پارٽي (انگريزي: Ba'ath Party ) جنھن جو عربي ۾ مڪمل نالو حزب البعث العربي الاشتراڪي (انگريزي: Arab Socialist Ba'ath Party ) آھي. اھا شام جي ھڪ سياسي جماعت آهي جنھن جو بنياد مشيل عفلق، صلاح الدين البيطار ۽ ذڪي الارسوزي جي ساٿين رکيو. لفظ بعث يا بعث ازم جو مطلب جاڳرتا يا قيام آهي ۽ اھو ھڪ نظريو آهي جيڪو عرب قومپرستي، عرب سوشلزم ۽ سامراج مخالف مفادن جي گڏجڻ سان ٺھيو. ان نظريو عرب دنيا جي ھڪ رياست ۾ جي قيام جي حق ۾ آھي. ان جو عمل جا اصول اتحاد، آزادي ۽ سوشلزم اصل ۾ عرب اتحاد غير عرب قبضي مان عرب علائقي جي آزادي جي عڪاسي ڪن ٿا.

عرب سوشلسٽ بعث پارٽي
حزب البعث العربي الاشتراكي
سيڪريٽري جنرلمشيل عفلق (1954–65)
منيف الرزاز (1965–66)
بانيمشيل عفلق
صلاح الدين البيطار
بنياد7 اپريل 1947 (7 اپريل 1947)
خاتمو23 فيبروري 1966 (23 فيبروري 1966)
انضمامعرب بعث
عرب بعث موومينٽ
عرب سوشلسٽ موومينٽ
جانشينبعث پارٽي (عراق واري شاخ)
بعث پارٽي (شام واري شاخ)
اخبارالبعث
نظريوبعث ازم
رنگڪارو, ڳاڙهو , اڇو ۽ سائو (عربن وارا رنگ)
نعروعربي ٻولي: "وحدة، حرية، اشتراكية"
(" اتحاد، آزادي ، اشتراڪيت")


پارٽي جو قيامسنواريو

شام جي ٻن اسڪولي ماسترن جن 1920 واري ڏھاڪي ۾ پيرس ۾ تعليم حاصل ڪئي ھن پارٽي جو بنياد وڌو. انھن مان ھڪڙو مشيل عفلاق (1910 -1989) نالي سان يوناني آرٿوڊڪس عيسائي ھيو ۽ ٻيو صلاح الدين البيطار (1912-1980) سني اسلام جو مڃيندڙ ھيو[1]. انھن ھن پارٽي جي ذريعي ھڪ اھڙي جديد انقلابي تحريڪ جو تصور ڏنو جنھن جو مقصد عرب اتحاد ذريعي ڌرتيءَ کي فرانس ۽ برطانيا جي تسلط مان آزادي حاصل ڪرڻ ھيو[1] ان پارٽي جو قيام 7 اپريل 1947 ۾ مشيل عفلق ۽ البيطار جي پارٽي عرب بعث موومينٽ ۽ الرسوزي جي پارٽي عرب بعث جي انضمام سان عمل ۾ آيو ۽ ان جو نالو عرب بعث پارٽي رکيو ويو ۽ جلد ئي ان پارٽي شام کان ٻاھر ٻين عرب ملڪن ۾ شاخون قائم ڪيون پر صرف شام ۽ عراق ۾ زور وٺي سگھي.

اقتدارسنواريو

1952 ۾ اڪرم الحوراني جي عرب سوشلسٽ موومينٽ ان ۾ ضم ٿي وئي ۽ پوء ان جو نالو عرب سوشلسٽ بعث پارٽي رکيو ويو ۽ 1954 جي عام چونڊن ۾ اھا شام جي پارليامينٽ ۾ ٻين وڏي جماعت بڻجي وئي. ان پارٽي جي عراق واري شاخ عرب سوشلسٽ بعث پارٽي، عراق پڻ زور وٺي وئي. 1963 ۾ ٻنھي ملڪن ۾ فوجي انقلابن ذريعي اقتدار ۾ اچي ويون.شام ۾ اڃان تائين اھا جماعت اقتدار ۾ آھي ۽ عراق ۾ 1963 ۾ ٿورو وقت اقتدار ۾ رھي پر 1968 ۾ ٻيھر اقتدار ۾ آئي ۽ 2003 ۾ آمريڪا ۽ ان جي اتحادين جي فوجن جي عراق ۾ داخل ٿيڻ تائين حڪومت ۾ رھي.

حوالاسنواريو

  1. 1.0 1.1 - Encyclopedia of Islam- Juan E. Campo J. Gordon Melton, Series Editor-: Facts On File, Inc. An imprint of Infobase Publishing 132 West 31st Street New York NY 10001 - pages# 82,