سنڌي ادب جو هڪ اهم نالو بشير مورياڻي 2 اگسٽ 1934ع ۾ شڪارپور ۾ ڄائو.

پرائمري تعليم کان ڪاليج تائين پنهنجي اباڻي شهر ۾ ورتائين. ننڍپڻ کان ئي نهايت ذهين ۽ اورچ شاگرد جي حيثيت سان تعليمي مرحلا طئه ڪندي سن 1956ع ۾ بي.اي آنرس جي امتحان ۾ امتيازي حيثيت ماڻي سنڌ يونيورسٽي ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪيائين. سن 1958ع ۾ ايم.اي سنڌي ادب ۾ پاس ڪري پهريون نمبر آيو، ان دوران تحقيقي مقالو “پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ سنڌي ادب جي اوسر” لکيائين[1]، سنڌ يونيورسٽي مان همت ۽ حوصله افزائي نه ملڻ ڪري، سنڌي ادب ۾ پي.ايڇ.ڊي ڪرڻ جو ارادو ترڪ ڪري، 1958ع ۾ ئي ڪاليج ۾ ليڪچرر جي حيثيت سان گهڙيو، جتي 1958ع کان 1960ع تائين نوابشاهه ۽ شڪارپور جي ڪاليجن ۾ هڪ ڪامياب ليڪچرر جي حيثيت سان علم جي روشني پکيڙيندو رهيو[1]. سن 1960ع ۾ سول سروس ۾ شامل ٿيو، انهيءَ دوران نواب شاهه، ڪنڌڪوٽ، لاڙڪاڻي ۽ ڪراچي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر جي عهدي تي فائز رهيو[1]. سن 1969ع کان 1970ع تائين هو انتظامي تربيت لاءِ آمريڪن يونيورسٽي بيروت ۾ وڌيڪ سکيا لاءِ هتان اُسهيو، اتان موٽڻ کان پوءِ کيس ترقي ملي. انهيءَ عرصي ۾ سنڌ لاءِ آدم شماري جو ڊائريڪٽر، جيڪب آباد ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر، ڊائريڪٽر ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن، خوراڪ ۽ زراعت کاتي جو ايڊيشنل سيڪريٽري ٿي رهيو[1]. 1973ع ۾ حڪومت جي انتظامي سڌارن جي هيٺ ٿيل، لکيل چٽاڀيٽي جي مقابلي ۾ ڪامياب ٿي، فارين سروس ۾ “ڪائونسلر” چونڊجي ويو، جتان سنڌ حڪومت هن جون خدمتون حاصل ڪري کيس انڊسٽريز ۽ مِنرل ڊيولپمينٽ جي کاتي جو سيڪريٽري مقرر ڪيو. ان کان علاوه سنڌ حڪومت جي مختلف کاتن ۾ هوم سيڪريٽري، تعليم جو سيڪريٽري، ٻيلي کاتي جو سيڪريٽري ٿي ڪم ڪري چڪو آهي[1]. پي سي ايس ڪري آيل، ڪيترن ادارن جي سربراهي سندس نصيب ۾ آئي، جيڪا گهڻن شخص جي نصيب ۾ هوندي آهي يا ايندي آهي. پر سنڌي ادب ۽ سنڌ جي نصيب ۾ هڪ ڀاڳ بشير مورياڻيءَ جي صورت ۾ آيو. سنڌي ادب لاءِ هيءَ نالو هڪ ڀاڳ جهڙو ئي آهي. اهو شاعراڻو ادب هجي. فڪشن هجي يا عالمي ادب جا اُهي شاهڪار هجن جن کي هن لاجواب ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري نه رڳو سنڌي ٻوليءَ جي غربت کي گهٽائڻ ۾ هٿ ونڊايو پر سنڌ جي ننڍڙي ادبي دائري کي ڪشادو ڪرڻ ۾ به پنهنجي حصي جو يوگدان ڏنو.

هن جو سنڌي ادب جي حوالي سان پهريون عشق شاعري هو. هو اول شاعر آهي، اها ٻي ڳالهه آهي ته سندس سڃاڻپ شاعري نه آهي، اها ڪهاڻي آهي. هو شيخ اياز، جمال ابڙي، اياز قادري، غلام رباني آگري جي پد جو ڪهاڻيڪار هئو ۽ هيءُ سڀ اهي نالا آهن. جن سنڌي ڪهاڻيءَ جو مان ۽ مرتبو وڌايو ۽ سنڌي ڪهاڻيءَ کي موضوعاتي لحاظ کان شهر ڏانهن کڻي آيا، پوءِ به اهو سچ آهي ته سنڌي ڪهاڻي اڄ جنهن موضوعاتي خوشحاليءَ ڏانهن وڃي رهيو آهي. اها ان دور ۾ کيس نصيب نه ٿي هئي.

ادبي ڪم

سنواريو

بشير مورياڻي کي اسڪول واري زماني کان لکڻ پڙهڻ سان شوق پئي رهيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو سندس شمار سنڌ جي ڌرتي جي ترقي پسند اديب، شاعر، افسانه نگار ۽ معروف مترجم کان علاوه نامور ليکڪن ۾ ٿئي ٿو[1]. پاڻ سنڌي ٻولي جي ڪهاڻي ۽ افساني کي نوان موڙ ۽ نوان رنگ ڏيئي وڏو داد حاصل ڪيائين[1]. سندس ڪيترن افسانن جو ترجمو مختلف ٻولين ۾ ٿي چڪو آهي. بشير مورياڻي صاحب جهڙو منفرد افسانه نگار آهي، تهڙو ئي يگانو شاعر به آهي[1]. هن عروضي صنفن کي وڌيڪ اپنائي ورتو. سندس ڪلام جديد ۽ قديم رنگن جي سنگم جو مثال آهي. “اصنام خيالي” جي نالي سان سندس ڪلام جو مجموعو ڇپجي چڪو آهي. ڪهاڻين جي ڪتابن “زندگي جي راهه ۾”، “اڌوري اُڏام” ۽ “اجنبي” کان علاوه عربي ۽ ترڪي ٻولي جي ڪهاڻين جا ترجما پڻ ڪتابي صورت ۾ ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن[1]. بشير مورياڻي، عالمي ادب، خاص طور فڪشن جو ڏاڍي گهرائي ۾ پڙهندڙ به رهيو. جنهن جو مثال سندس عالمي شاعرن جا ترجما آهن، جيڪي سنڌالاجي جي پاران ڇاپيا ويا آهن، هن جي ڪري سنڌي ڪهاڻيءَ کي اهو فائدو پهتو جو هن پنهنجي علم هيٺ آيل موضوع پڻ سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ آندا، جنهن ڪري سندس ڪهاڻيون ڪجهه ڏيک ڏيڻ لڳيون ۽ انهن سنڌي ڪهاڻيءَ جو هنج ڪشادو ڪيو اڌوري اڏام سندس ڪهاڻين جو ڪتاب، اهڙي شاهدي ڏئي ٿو. جيتوڻيڪ مورياڻي صاحب جو شروعاتي ڪهاڻي ڪتاب زندگيءَ جي راھ ۾ پڻ سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ هڪ اهم ڪتاب آهي، جيڪو اسان واري نسل جي پڙهندڙن ته ڇا لکندڙن جي به وڏي حصي نه ڏٺو هوندو. ساڳي حالت سندس ڪهاڻي ڪتاب اجنبي جي به آهي، ايئن اسان جي مجموعي سنڌي ڪهاڻيءَ کي الڳ الڳ رخن کان ڏسبو يا ان جو اڀياسي اپٽار ڪبو ته ان جا ڪيترائي پڙاءَ ظاهر ٿي بيهندا ۽ انهن ۾ بشير مورياڻيءَ صاحب جو حصو به ظاهر ٿي بيهندو. اهو خود سوچڻ جوکڻ آهي ته اڄ نصابي طور ڪجهه لکڻ لاءِ جڏهن کوج ڪجي ٿي ته هڪ شاعراڻو ڪتاب اهڙو به لڀي پوي ٿو، جنهن جو فڪر شڪارپور بابت لکيل ۽ ان جي ادب بابت لکيل ڪيترن ليکن ۾ موجود نه آهي ۽ اهو بشير مورياڻيءَ جي شاعريءَ جو پهريون ڪتاب آهي، جنهن جو نالو آهي خيالي صنم مان نٿو سمجهان ته اڄ جي نوجوان شاعر کي ان ڪتاب جي خبر نه هوندي.

بشير مورياڻي جي ڪتابن جا نالا هي آهن.

سنواريو
  • 1.زندگيءَ جي راھ ۾ (ڪهاڻيون)
  • 2.اجنبي (ڪهاڻيون)
  • 3.اڌوري اڏام (ڪهاڻيون)
  • 4.شاھ سائين جو اڀياس (تنقيد)
  • 5.اصنام خيالي (خيالي صنم) (شاعري)
  • 6.ڪڪر منجهه ڪپار (شاعري)
  • 7.ترڪي شاعري (ترجمو)

لاڏاڻو

سنواريو

26 فيبروريءَ 2016ع تي ڪراچيءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.[2] [3] [4]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 1.5 1.6 1.7 1.8 ڪتاب جو نالو: شڪارپور تاريخ جي آئيني ۾ مصنف:نقش ناياب منگي / حسيب ناياب منگي؛ ڇپائيندڙ: سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد شايع ٿيڻ جو سال:2017 [1] آرڪائيو ڪيا ويا 2020-12-02 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. -
  2. http://awamiawaz.com/13146/
  3. بشير مورياڻي-وسارڻ جهڙو ليکڪ نه آهي. رکيل مورائي
  4. روزآني عوامي آواز اخبار