برڪت علي (طبلا نواز)

استاد برڪت علي 1925ع ڌاري جمال شاهه جي پڙ حيدرآباد ۾ جنم ورتو، سندس والد جو نالو حاجي خان ڏگو آهي. شروعاتي سکيا پنهنجي وڏي چاچي استاد ڪمال خان کان ورتائين. استاد برڪت علي 12 سالن جي عمر ۾ بمبئيءَ هليو ويو، جتي استاد قادر بخش خان جي گهراڻي جي بزرگ ميان الله رکي خان کان سکيا ورتائين. جڏهن گراموفون رڪارڊنگ ڪمپنيءَ جو عروج هو ته استادبرڪت علي طبلي ۽ پکاوج تي پرفارم ڪيو ۽ جيوڻي ٻائي، مائي بچائي عرف بچي ڀٽڻ المعروف سردار بيگم ۽ استاد خير محمد خان جي ساٿ ۾ پکاوج ۽ طبلو وڄايائين. ڪجهه عرصو گذرڻ کانپوءِ استاد برڪت عليءَ کي سندس ڀاءُ واپس سنڌ وٺي آيو، جنهن کانپوءِ گھڻو وقت استاد خير محمد خان، مائي جيوڻي ۽ الله ڏني نوناريءَ سان ساٿ سنگت ڪندو رهيو. استاد برڪت عليءَ خان، خانصاحب خير محمد خان جو سالو هو. هن جي وفات 1984ع ۾ ٿي. سندس آخري آرمگاهه ٽنڊي يوسف جي اباڻي قبرستان ۾ آهي.[1]

حوالا سنواريو

  1. برڪت علي انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد. سال 2012ع