برڪت علي ڀٽ، سنڌ جو مقبول عوامي فنڪار آهي، هن 18 آگسٽ 1960ع ڌاري سکر ۾ جنم ورتو. هيءُ سنڌ جي مشهور فنڪار رسول بخش ڀٽ جو فرزند آهي. برڪت راڳ جي پهرين سکيا پنهنجي والد کان ورتي ۽ ان فن ۾ اهو سندس پهريون استاد آهي. ان کان پوءِ هن جڳ مشهور غزل گائڪ استاد غلام عليءَ کان سکيا ورتي. برڪت ڀٽ منفرد ۽ ناميارو فنڪار آهي. هن سنڌي صوفي ڪافي ڪلامن کان سواءِ گيت ۽ سنڌي اردو غزل به تمام سٺا ڳايا آهن. اسٽيج تي ٻڌندڙن کي موهي وجهندو آهي. 1980ع کان ريڊيو ۽ ٽي. وي تي ڳائڻ شروع ڪيائين. هن وقت ريڊيو ۽ ٽي. وي سان گڏ مختلف سنڌي چئنلن تي غزل ۽ ڪافيون ڳائيندو آهي. سندس منو سؤ (75) کن ڪئسيٽون ۽ سي ڊيون مارڪيٽ ۾ موجود آهن. هن صوفي درويشن جي درگاهن کان وٺي فائيو اسٽار هوٽلن ۾ به ڳايو آهي.[1]

اوارڊ سنواريو

کيس ڪيترائي اوارڊ ملي چڪا آهن. 3 مئي 2009ع تي اکل ڀارت سنڌي ٻوليءَ ۽ ساهت سڀا پاران کيس جئپور (انڊيا) ۾ ”سنڌي فنڪار اوارڊ“ (25 هزار رپين سميت) ڏنو ويو. ان موقعي تي ”سنڌ جي سنڌي ادب“ تي محترم ولي رام ولڀ کي به اوارڊ ڏنو ويو هو.[1]

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 برڪت علي انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد. سال 2012ع