بري نظر يا نظر بد(انگريزي: Evil eye ) ماڻھن جي ھڪ عقيدي جو نالو آهي جنھن مطابق اک جي نظر برائي يا بدبختي پھچائڻ جي طاقت رکي ٿي[1]. اھو عقيدو دنيا اندر کوڙ تھذيبن ۾ ملندڙ آهي. اھو ھڪ قسم جو جادوئي عام خيال آهي جيڪو ماڻھن کي تڪليف ڏيندڙ حادثن، ۽ بيمارين جي واقع ٿيڻ بابت سمجھاڻي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو[1].کوڙ معاشرن ۾ ماڻھو جو اھو اعتقاد ھوندو آھي تہ بري نظر سان نڀاڳ ۽ نقصان پھچندو آھي[2]. ۽ اھو تہ طلسم ۽ تعويذ کين ان بدنظري کان بچائيندا آهن[3][4]. بدقسمتي جي عام نظريي جي برعڪس ھي عقيدو ھميشه مخصوص واقعن تائين محدود ھوندو آھي[1]. ان عقيدي جو ذڪر يھودين جي رھباني لکڻين ۾ گھڻو ملي ٿو[5]. اسلام ۾ مذھبي قدامت پسند اھو عقيدو چئي رد ڪندا آھن تہ اسلام ۾ برو ۽ ڀلو سڀ طئي ڪندڙ خدا جي ذات آھي. جديد سائنسي خيالن جا ماڻھو بري نظر جي عقيدي کي غيرمعقول وھمپرستي سمجھي رد ڪن ٿا[1]. پر جادوئي خيالن کي صحيح سمجھندڙ ماڻھو مصيبتن جو ڪارڻ بد نظري کي سمجھندي ان کي بي اثر ڪرڻ يا ان کان بچڻ لاء ڪجهه نہ ڪجهه ڪرڻ لاء تيار ٿي ويندا آهن پوء ڀلي کڻي مصيبت مان جان کڻي نہ بہ ڇٽي[1]. انھن ماڻھن مطابق بد نظري کان بچڻ لاء احتياطي اپائن ذريعي پنھنجي زندگي ۾ غير متوقع ۽ تڪليف پهچائيندڙ واقعن کي روڪي سگھجي ٿو[1]. دنيا جي کوڙ ھنڌن تي اھڙي خيال سان بد نظري واري عقيدي جي استقامت ۽ قبوليت جي وضاحت ڪئي وڃي ٿي[1]. اسلامي تھذيبن ۾ بد نظري وارو عقيدو مراڪش کان وٺي، رومي سمنڊ جي اوڀر واري سرزمين ۽ عربستان جي اپٻيٽ سميت، انڊيا تائين مسلمان توڻي عيسائي، يھودي ۽ ھندن وغيره ۾ ھڪ عام عقيدو آهي[1]. اسلامي نظريي ۾ بہ بد نظري جو عقيدو موجود آھي جنھن جو بنياد صحيح مسلم جي ڪتاب نمبر 26 جي حديث نمبر 5427 آھي جنھن ۾ بد نظري جي اثر کي حقيقت سڏيو ويو آهي[6]. يھودي رھباني ابراھام اسحاق ڪوڪ مطابق اسان جي اردگرد حسد ۽ ريس جا احساس رکندڙ ماڻھن جي بري نظر اسان لاء اثر ۾ نانگ جي زھر مثل آهي[7].

نيريون اکيون بد نظري کان بچڻ لاء تحفظ سمجھي ٽنگيون وينديون آهن


رومن ايمپائر واري دؤر جي ھڪ موزائڪ جنھن تي بري نظر کان بچڻ جا حربا ڏيکاريل

بدنظري لاء مختلف نالا سنواريو

سمورين تھذيبن جي ھر ٻولي ۾ ان عقيدي کي مختلف نالي سان سڏيو وڃي ٿو. عربي م ان کي العين النظرہ (اک جي نظر) يا العين الحاسد (ساڙوٽي جي نظر) چون ٿا[1]. فارسي ۾ ان کي چشم زخم ( زخم رسائيندڙ اک) يا چشم شور(ڪاراڻ مائل نظر) سڏين ٿا[1].

بري نظر جو اثر لاء دليل سنواريو

 
ياقوتي اک وارو پتلو جيڪو ميسوپوٽاميا جي اشورين ۾ بدنظري کان بچڻ لاءِ ھڪ تعويذ سمجھيو ويندو ھو

ڪنھن بہ ماڻھو وٽ ٻار، کير پياريندڙ ماء، ڪارائتي چوپائي مال، نفعي بخش زرعي زمين، سٺو کاڌو، قيمتي سامان جنھن ۾ گاڏيون، يا سھولت ڏيندڙ مشين، ڌنڌو، يا گھر وغيره ھجڻ سان ٻين ماڻھن جي دل ۾ حسد يا ريس جي احساسن کي ڀڙڪائي سگھن ٿا اھڙي طرح ان حاسد يا ريساري جي نظر ان چيز تي پوڻ سان ان کي نقصان پهچائي سگھي ٿي[1][8]. اھا نظر خاص طور تي ننڍي پٽ کي ڪو بہ حادثو ، نقصان، بيماري ۽ موت بہ رسائي سگھي ٿي. کير پياريندڙ عورت يا ڳئون جو کير گھٽجي يا بند ٿي سگھي ٿو. زمين جي فصل کي نقصان رسي سگھي ٿو. ڪار وغيره جي انجڻ خراب ٿي سگھي ٿي يا حادثو ٿي سگھي ٿو. ڌنڌي يا گھر باھ سان ناس ٿي سگھي ٿو. ان عقيدي مطابق جيڪڏهن ڪو ڪنھن جي شئي جي تعريف ڪري ٿو ته ان ۾ بہ حسد واري نظر شامل ٿي سگھي ٿي پوء ڀلي ان ماڻھو جي نيت سٺي ڇونہ ھجي[1].

مسلم معاشري ۾ بد نظري جا اپاء سنواريو

 
نظر کان بچڻ لاء ترڪي ۾ نظر جي روپ وارا روايتي تعويذ

ان عقيدي مطابق بد نظري کي روڪڻ لاء قدم کڻي سگھجن ٿا. ان عقيدي مطابق نيري ۽ اڇي رنگ جي موتي وارو زيور جو ٽڪرو ڪنھن ماڻھو يا ان جي ڪنھن ملڪيت تي رکڻ سان بد نظري جو اثر زائل ٿي ويندو آهي[1]. اھو خيال عام آهي تہ خدا جي نالي يا قرآن جي آيت وارو تعويذ يا ٻي ڪا شئي نڀاڳ کان بچائڻ جي طاقت رکي ٿو[1]. کوڙ ماڻھو پنھنجي گھرن ۽ ڌنڌي وارين جاين تي ۽ گاڏين ۾ خدا جي نالي يا قرآن جي آيتن واري پينٽنگ ٽنگيندا آھن يا ڀتين تي رنڱرائيندا آهن[1]. انھن آيتن ۾ سورة فاتحه جي پھرين آيت: "بسم الله الرحمن الرحيم"، يا سڄي سورة فاتحه، سورة البقرہ جي آيت نمبر 255 جنھن کي آيت الڪرسي چون ٿا، سورة الاخلاص[9]، سورة الناس، سورة الفلق جنھن جي ھڪ آيت ۾ حاسد جي حسد کان الله جي پناھ جي دعا شامل آهي، قرآن شريف جي رکڻ کي بہ بدنظري کان تحفظ سمجھيو ويندو آھي[1]. ان کان سواءِ عام زندگي م ڪجهه الله جي نالي وارن فقرن جي استعمال کي بہ تحفظ سمجھيو ويندو آھي جن ۾ بسم الله، ماشاءالله[10]، انشاءالله، الله اڪبر، وغيره شامل آهن[1]. ننڍڙي پٽ کي زنانه ڪپڙا پارائي ڌيءَ ڪري ظاھر ڪرڻ کي ان پٽ جو بدنظري کان تحفظ سمجھيو ويندو آھي[1]. مسلمانن جو خيال آهي تہ ڪنھن کي ڏسي تعريف ڪرڻ وقت ماشاءالله چوڻ سان نظر نہ لڳندي آهي[11].

حوالا سنواريو

  1. 1.00 1.01 1.02 1.03 1.04 1.05 1.06 1.07 1.08 1.09 1.10 1.11 1.12 1.13 1.14 1.15 1.16 1.17 - Encyclopedia of Islam- Juan E. Campo J. Gordon Melton, Series Editor-: Facts On File, Inc. An imprint of Infobase Publishing 132 West 31st Street New York NY 10001 - pages# 220,221,
  2. Ross, C (2010). "Hypothesis:The Electrophysicological Basis of the Evil Eye Belief". Anthropology of Consciousness 21: 47–57. doi:10.1111/j.1556-3537.2010.01020.x. 
  3. "Definition for "evil eye" from Merriam Webster Dictionary". Merriam-webster.com. 
  4. "evil eye (occult)". Encyclopædia Britannica. 
  5. Ulmer, Rivka (1994). KTAV Publishing House, Inc.. ed. The evil eye in the Bible and in rabbinic literature. p. 176. ISBN 978-0-88125-463-1. https://books.google.com/?id=cwB8Hfkjpx0C&pg=PA176. 
  6. "USC-MSA Compendium of Muslim Texts". Usc.edu. وقت 2007-09-03 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2007-09-22.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  7. Morrison, Chanan; Kook, Abraham Isaac Kook (2006). Gold from the Land of Israel: A New Light on the Weekly Torah Portion - From the Writings of Rabbi Abraham Isaac HaKohen Kook'. Urim Publications. p. 88. ISBN 978-965-7108-92-5. 
  8. "Evil Eye - Oxford Islamic Studies Online". www.oxfordislamicstudies.com. حاصل ڪيل 2018-08-25. Popular belief that a person can glance or stare at someone else's favorite possession and, if envious of the other person's good fortune, hurt, damage, or destroy it. 
  9. Definition of the evil eye, and ways of protecting oneself against it and treating it آرڪائيو ڪيا ويا 2012-04-16 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين., Islam Questions and Answers
  10. "Mashallah: what it means, when to say it and why you should" (en ۾). The National. https://www.thenational.ae/lifestyle/mashallah-what-it-means-when-to-say-it-and-why-you-should-1.264001. 
  11. "Du'a – What to say when in fear of afflicting something or someone with one?s eye". Makedua.com. وقت 2007-10-06 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2007-09-22.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)