برفت ڪئلينڊر، ڪوٽڙيءَ جي رهاڪو محمد هارون برفت، برفت قبيلي لاءِ جدا ڪئلينڊر ترتيب ڏنو آهي. شروعات ۾ دنيا اندر هلندڙ مشهور ڪئلينڊرن جو ذڪر ڪيو اٿس. اڳ ۾ ڪئلينڊر روايتي انداز ۾ ٿيندا هئا، يعني انهن ۾ ضرب، ونڊ، ڪٽ سان گڏوگڏ ليپ سال جو به حساب رکڻو پيو ٿي. سندس دعويٰ آهي ته هن انهن سڀني ڳالهين کي نظر ۾ رکي برفت ڪئلينڊر کي نهايت آسان طريقي سان تيار ڪيو آهي ۽ خصوصيت اها آهي ته هيءُ ڪئلينڊر دنيا جو واحد ڊگهي ۾ ڊگهو ڪئلينڊر آهي، جيڪو 70000 (ستر هزار) سالن جي لاءِ ڪارآمد آهي.[1]

برفت ڪئلينڊر کي سمجهڻ لاءِ ضروري اشارا سنواريو

هن کي پنجن حصن ۾ ورهايو ويو آهي. پهرئين نمبر حصي ۾ 49 خانا آهن. هر خاني ۾ 14 يا 15 صديون درج آهن، يعني هر دائري ۾ 5 کان 10 سال آندل آهن. حصي نمبر ٻئي ۾ صدين جا وچولا سال آهن. هر صديءَ جي هيٺان ڄاڻايل سال ۽ نمبر ڄاڻايل آهن. حصي ٽئين ۾ ٻارهن مهينن سان گڏوگڏ هر مهيني جي هيٺئين پاسي قطار ۾ 28 خانا ٺهيل آهن، جنهن جي لائين مطابق انگ درج ٿيل آهن، جن کي گهربل تاريخ ۾ جمع ڪيو ويندو آهي. حصي چوٿين ۾ 1 کان 42 انگ لکيل آهن. ساڄي پاسي ڏينهن جي فهرست آهي، جيڪا آچر ڏينهن کان شروع ٿيندي آهي. هيءُ حصو پهرين جنوري 1753ع کان اچڻ وارن سالن لاءِ ڪارآمد آهي. حصي نمبر 5 ۾ به 1 کان 42 تائين انگ ڏنل آهن. انهيءَ جي ساڄي پاسي ڏينهن جي فهرست آهي، جنهن جو آغاز ڇنڇر سان ٿيندو آهي. هيءُ حصو سال عيسويءَ کان 31 ڊسمبر 1752ع تائين ڪارآمد ٿيندو.[1]

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون. سال:2012ع سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو. حيدرآباد.