برطانيا پولئنڊ اتحاد

برطانيا-پولئنڊ اتحاد، برٽش: پولش الائنس (British Polish Alliance) هڪ اهڙو ٺاھ آهي، جنهن تحت انگلينڊ جي وزيراعظم چيمبرلين ۽ پولينڊ صدر جرزي ليرسڪي جي ڪوششن سان ٻنهي مُلڪن مان ڪنهن به هڪ جي معاملن ۾ ڪنهن ”يورپي ملڪ“ جي امڪاني مداخلت کي مُنهن ڏيڻ لاءِ 25 آگسٽ 1939ع تي انهيءَ اتحاد تي ٻنهي مُلڪن جي وچ ۾ صحيون ٿيون. ٻي مهاڀاري لڙائي شروع ٿيڻ کان اڳ يورپ ۾ جرمنيءَ جي اُڀرندي سرحد کي مقرر حدن اندر برقرار رکڻ لاءِ ٿيل هي اتحاد يورپ ۾ جرمنيءَ جي اڳرائيءَ کي روڪڻ جي آخري ڪوشش هئي. [1]

حوالا سنواريو