حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن حضرت ڪعب بن زهير رضه کي قصيدي پڙهڻ تي جيڪا ڪپڙي جي چادر انعام ۾ ڏني هئي، ان کي ’برده‘ سڏيو ويندو آهي. اها چادر مختلف دورن کان پوءِ هلاڪو خان جي هٿ آئي، جنهن اُها ساڙائي ڇڏي، پر ڪن جو چوڻ آهي ته اها چادر اڄ به قسطنطنيه ۾ موجود آهي. البوصيريءَ جي مشهور قصيدي جو نالو به ”بُرده“ آهي، ڇو ته هن خواب ۾ ڏٺو ته پاڻ سڳورن صلي الله عليه وسلم اها چادر سندس ڪلهي تي رکي. ان وقت بوصيري معذور هو ۽ خواب ۾ چادر ڪلهي تي پوڻ کان پوءِ ٺيڪ ٿي ويو، جنهن کان پوءِ هن قصيدو لکيو، جنهن کي ”برده“ چيو وڃي ٿو. عربيءَ ۾ اڄ تائين ڪنهن به قصيدي يا نظم کي اهڙي شهرت نه ملي آهي. هيءُ قصيدو ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿيو ۽ سنڌي زبان ۾ پڻ هن قصيدي جا ڪيترا ئي منظوم توڙي نثري ترجما ڇپيا آهن. قصيده برده جو منظوم سنڌي بيتن ۾ علامه علي محمد مهيريءَ ترجمو ڪيو آهي.[1]

اسڪندريہ ۾ بوصيريءَ جي مزار تي قصيده برده جون ڪجھ سٽون

حوالا سنواريو

  1. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون. سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.