بربر (انگريزي: Berber) اتر آفريڪا جي قديم ٻوليون، ثقافت ۽ ماڻھن جو نالو آهي. بربر يا امزائغي (انگريزي: Imazighen) ڏکڻ ۾ صحارا رڻپٽ، اوڀر ۾ مصر کان رومي سمنڊ وارو اتر آفريڪا جو پورو حصو ويندي اولھ آفريڪا جي ڪينري ٻيٽن تائين رھندڙ ھيا.[1] تاريخ جي مختلف دؤرن ۾ بربر ماڻھن ھر مذھب جي رواہتن تي اثرانداز ٿيندا آيا آھن جن ۾ قديم بت پرست مذھب، عيسائيت، يھوديت ۽ اسلام شامل آهن.[1] موجوده دؤر ۾ بربر اڪثريت ۾ سني اسلام سان تعلق رکندڙ آهن.[1] اھي اٺين صدي عيسويءَ ۾ مسلمان ٿيڻ شروع ٿيا ۽ اھو سلسلو ٻہ سؤ سالن ۾ پورو ٿيو.[1] اھي اسپين جي فتح ۾ پڻ اسلامي لشڪر ۾ شامل ھيا.[1] انھن جو عربن سان تعلق ھميشه دوستاڻو نہ رھيو ڇو تہ عرب انھن کي نسلي برتري جتائيندا ھيا.[1] ٻارھين صدي عيسويءَ ۾ بربر ماڻھن الموارد ۽ الموحد شاھي خاندانن کي اڀاريو جن اسپين ۽ اتر آفريڪا جي حڪمراني ڪئي.[1] بربر مانھن جو ماريني (1196ع–1464ع) ۽ فاطمي (909ع–1171ع) حڪمراني ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو.[1] موجوده دؤر ۾ بربر ماڻھو مصر، لبيا ۽ تيونس ۾ ننڍڙين برادرين ۾ رھندڙ آھن پر اھي الجيريا، نائيجيريا ۽ ماريطانيہ ۽ خصوصاً مراڪش ۾ وڏي تعداد ۾ رھن ٿا.[1] مراڪش جي 40 سيڪڙو آبادي بربر آھي.[1] انھن جو چڱو تعداد يورپي ملڪن فرانس، بيلجيم ۽ نيدرلينڊ ۾ رھندڙ آھي.[1] لفظ بربر يوناني ۽ رومن لفظ باربيرين (انگريزي: Barbarian) سان ھڪجھڙائي رکڻ تي ھم عصر عالمن انھن لاء امازيغ (واحد) يا امازيغن (جمع) لفظ استعمال ڪيو.[1] اڄوڪي دؤر ۾ بطور مادري زبان ڳالهائي ويندڙ بربر ٻولي کي تمازائت (انگريزي: Tamazight) سڏين ٿا.[1]

  1. 1.00 1.01 1.02 1.03 1.04 1.05 1.06 1.07 1.08 1.09 1.10 1.11 1.12 - Encyclopedia of Islam- Juan E. Campo J. Gordon Melton, Series Editor-: Facts On File, Inc. An imprint of Infobase Publishing 132 West 31st Street New York NY 10001 - pages# 100,