براري، ماروا ٺاٺ جي سمپورن راڳڻي، جنهن جي آروهي امروهي سمپورن آهي. هن راڳڻي کي جهولائڻ ضروري آهي. ڪجهه ماروا جي صورت نظر اچي ٿي، پر ماروا کاڍو آهي ۽ ان ۾ پنچم ورج آهي، هن ۾ ايئن ڪو نه آهي. براري ۾ مڌم دربل آهي. ان لاءِ گنڌار ۽ پنچم جي سنگت رهي ٿي. سوم ناٿ پنڊت براري کي سمپورن سڏيندي پوربي ٺاٺ ۾ رکيو آهي، رکب ۽ کرج وادي سموادي سُر ڏيکاريا اٿس. گرنٿن ۾ براريءَ جا ڪافي قسم ڄاڻايل آهن، پر رواج ۾ ڪو نه آهن. ڪن جا نالا ڏجن ٿا. شڌ براري 2 ڪنتل براري، 3. درونيڙي براري، 4 سفيدوي براري، 5 اُسپرا براري 6 هت براري، 7 هر تاب براري وغيره. سنڌي سنگيت پاريجات ۾ هنن راڳڻين جون چالون ۽ لڇڻ ڏنل آهن. پر ڳائجن نٿيون.[1]

ھن راڳڻي جو خاص سرگم: ”گي را گي مي راگي را سا پا مي ڌي مي گي را گي را سا“ آهي.
هن جي آروهي: ”سا را گي مي پا مي ڌي سا“ ۽
امروهي: ”سا ني ڌي پا مي گي را سا“ آهي، جڏهن ته وادي سُر گنڌار ۽ سموادي سُر ڌيوت آهي.

مھل سنواريو

هي راڳڻي شام جي وقت ڳائبي آهي. (نوٽ: راڳ ساگر ۾ هن راڳڻيءَ جو ذڪر ماروا ٺاٺ جي زمري ۾ ٿيل ڪو نه آهي.)[1]

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون. سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.