بد ھاضمو

انساني مرض

هرڪا بيماري قدرتي قاعدن ٽوڙڻ ڪري ٿئي ٿي، اهڙيءَ طرح بدهاضمي جي بيماريءَ جا ڪارڻ هيٺيان آهن:

  • گيهه پوريءَ طرح ڪم نه آڻڻ ڪري بدهضمي ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ ته جيڪو کاڄ کائجي ٿو سو نڙيءَ واري نليءَ مان اندر پيٽ ۾ وڃي ٿو ۽ اُن جي جيري مان پيلي پِتُ ۽ نڙيءَ مان هڪ قسم جو پاڻي نڪري اچي کاڌي سان ملي ٿو، تنهن ڪري ئي کاڌو هضم ٿئي ٿو، اُها پتُ، چُن وانگر تمام تکي ۽ ڪوڙي آهي، جيڪڏهن آنڊي واري نلي سڻڀي کاڄ کائڻ ڪري سڻڀي نه هوندي، ته پت اُن ۾ زخم ڪري وجهندي، جنهن ڪري هاضمي جي طاقت کي نقصان رسندو.
  • کاڌو وات ۾ خوب چٻاڙڻ ڪري پِڪ سان گڏجي اڌ پڪل ٿي اندر وڃي ٿو، پر جي اڌوگابرو چٻاڙي ڳهي وڃبو، يعني ڏندن جو ڪم به اوجهري کان وٺبو، ته کاڌو اندر دير سان هضم ٿيندو ۽ اندر پاڻيءَ ۾ مليل هئڻ ڪري بدبوءِ ڪندو، ۽ ائين پوريءَ طرح چٻاڙڻ ۽ ورزش نه ڪرڻ ڪري هاضمو خراب ٿئي ٿو.
  • جيئن گرم چمنيءَ تي پاڻيءَ جو ڇنڊو وجهبو، ته ڀڄي پوندي، تيئن اونهاري ۾ گهڻي برف ڪم آڻڻ ڪري کاڌو هضم نه ٿي سگهندو آهي.
  • دير هضم کاڌو يعني گهڻو گوشت يا تمام ڪچو يا رڌل ميوو يا ڪچو کاڌو هاضمي جي شڪتي خراب ڪري ٿو.
  • آنڊي کي نفيس ڪرڻ يعني تمام سنهو اٽو يا سنها ڦلڪا، گهڻي سوڍا، کٽاڻ، مصالحو ۽ هاضمي جون ٽڪيون ۽ ٻيون اهڙيون شيون کائڻ ڪري هاضمي جي طاقت خراب ٿئي ٿي.
  • پوري وقت تي نه کائڻ، يا هر هر کائڻ ۽ گهڻي کائڻ ڪري به هاضمو خراب ٿئي ٿو.

اپاءَ سنواريو

حڪيم ان حوالي سان صلاح ڏيندا آهن ته:

  • سڻڀ پورو پنو کائجي، ڇو ته انهيءَ سان پِتُ نليءَ کي زخم نه ڪندي
  • هرهڪ عضوي کان سپرد ٿيل ڪم چڱيءَ طرح وٺڻ ڪري، اُن ۾ رت جي گردش گهڻي ٿيندي ۽ اُهو عضوو مضبوط ٿيندو. انهيءَ ڪري ئي پڙهيل شخص اڻ پڙهيل کان سياڻو ٿئي ٿو ۽ لوهار جي ٻانهن سنياسيءَ جي بيٺل ٻانهن کان مضبوط ٿئي ٿي.
  • گهڻي برف يا چانهه، گهڻي مصالحي، کٽاڻ ۽ ڪچي کاڌي ۽ ڪني ۽ ڪچي ميوي کائڻ کان پاسو ڪجي. کاڌو پوري وقت تي ۽ ڏينهن ۾ ٻه يا ٽي دفعا کائڻ گهرجي.
  • جيئن ماڻهو تندرست ۽ جوان هوندو، تيئن کاڌي جو رس سندس رڳون گهڻو ڇڪينديون. انهيءَ ڪري ٿوري تڪليف اچڻ ڪري گهڻا جلاب وٺي ۽ اجايا زور ڏيئي هاضمي جي طاقت خراب ڪري نه ڇڏجي.[1]

حوالا سنواريو

حوالا سنواريو