’بدين‘ نالي سان هڪ ڪتاب، بدين ثقافتي ميلي (1976ع) پڙهيل مقالن تي مشتمل آهي، جنهن جو مرتب محمد سومار شيخ آهي. هي ثقافتي ميلو 1976ع ۾ بدين ضلعي جي اڳوڻي ڊپٽي ڪمشنر محترم منظور حسين ڀُٽي جي دلچسپيءَ سان لڳو هو. ميلي جي ادبي ڪاميٽيءَ جو صدر ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ سيڪريٽري محمد سومار شيخ هو. ڪانفرنس ۾ پڙهيل مقالن کي مرحوم محمد سومار شيخ هيٺينءَ ترتيب سان گڏ ڪيو آهي:

  1. بدين ضلعي جو تاريخي مطالعو
  2. بدين ضلعي جو مذهبي مطالعو
  3. بدين ضلعي جون شخصيتون
  4. بدين ضلعي جو ادب
  5. بدين ضلعي جا فنڪار ۽ رانديگر
  6. آب پاشي نظام
  7. بدين ضلعي جا هنر

هيءُ ڪتاب ڊيمي سائيز ۾ 192 صفحن تي مشتمل آهي ۽ ان جي قيمت 15 رپيا آهي، جيڪو مهراڻ آرٽس ڪائونسل، حيدرآباد پاران 1979ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو.[1]

حوالا سنواريو

حوالا سنواريو