بَدَر مڪي ۽ مديني جي درميان حجاز جو مشهور چشمو، جيڪو مديني منوره کان تقريباً 80 ميل پري آهي.

هن هنڌ عهد نبويءَ جو پهريون اهم غزو پيش آيو. جاهليت واري دور ۾ هن جي اها اهميت هئي، جو پهرين ذوالقعد کان اٺن ڏينهن تائين هتي هر سال وڏو ميلو لڳندو هو، جتي گيهه، کَلون، روغن، اُٺ، ٻڪريون ۽ اوني عبائون واپار لاءِ اينديون هيون. بدر جي جوءِ اُچن پهاڙن جي وچ ۾ اڻانگي هنڌ تي گهيريل آهي، ليڪن اڻلڀ هنڌ تي پاڻيءَ جي موجودگيءَ جي ڪري شام ڏانهن ويندڙ قافلن جي منزل ٿي رهيو آهي. اسلام کان اڳ هتي بنوضمره آباد هئا، جن جي هڪ شاخ بَنو غفار هئي، جن جي اصلاح لاءِ حضرت ابوذر غفاريءَ کي مقرر ڪيو ويو هو. بدر بيضوي شڪل جو ساڍا پنج ميل ڊگهو ۽ ساڍا چار ميل ويڪرو ميدان آهي. اُتي چوڌاري اُوچا پهاڙ آهن. مڪي، شام ۽ مديني وڃڻ واريون واٽون ڏکڻ، اتر ۽ اوڀر کان اچي بدر جي ميدان ۾ ملن ٿيون.[1]