انساني حقن جو ڪارڪن، شاعر ۽ ڪهاڻيڪار پروفيسر بدر سومرو 13 جنوري 1958ع تي ڳوٺ ڳاڙهي موري تعلقي ۽ ضلعي خيرپور ميرس ۾ پيدا ٿيو.

تعليم سنواريو

هن فائين آرٽس ۾ ڊپلوما ۽ صحافت ۾ ايم. اي ڪئي آهي.

خدمتون سنواريو

هو سٺو ڪالم نگار آهي. انساني حقن جي تنظيمن سان سندس گهڻي وابستگي رهي آهي. هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان جو باني ميمبر ۽ بين الاقوامي انساني حقن جي تنظيمن جهڙوڪ: ايمنسٽي انٽرنيشنل، هيومن رائيٽس واچ، ريڊ ڪراس انٽرنيشنل ۽ سائوٿ ايشيا هيومن رائيٽس ڪميشن جو ميمبر ۽ سهڪاري رهيو آهي. سندس ڇپيل تصنيفن ۾ ”ندامت“ (ڪهاڻيون 1990)، ”ڪراچيءَ جو ڇا ٿيندو؟“ (1994)، ”سنڌ ۾ ٻيو ڇا ٿيندو؟“ (تحقيقي رپورٽ 1994). انساني حقن جو پڌرنامو (ترجمو: 1990)، سنڌ انڪوائري (انساني حقن جي ڪميٽين جي تحقيقي رپورٽ (1990) شامل آهن. جڏهن ته سندس ڪجهه ڪتاب اڻ ڇپيل صورت ۾ وٽس موجود آهن.

ھن وقت سنواريو

هو هن وقت سنڌ يونيورسٽيءَ جي ماس ڪميونيڪيشن ڊپارٽمينٽ ۾ اسسٽنٽ پروفيسر آهي ۽ ڄامشوري ۾ رهندڙ آهي.[1]

حوالا سنواريو

حوالا سنواريو