مشهور سماج سڌارڪ، بخش علي لاکو، مهر علي لاکي جو فرزند آهي. سندس جنم 15 ڊسمبر 1941ع تي، ڳوٺ لاکا وڏا، تعلقي گنبٽ، ضلعي خيرپور ميرس ۾ ٿيو.

تعليم سنواريو

ابتدائي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول ٺٽيءَ (تعلقي گنبٽ) ۾ ورتائين. مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول گنبٽ مان ڪيائين. ان کان پوءِ حيدرآباد آيو، جتان سچل سرمست ڪامرس ڪاليج حيدرآباد مان بي. ڪام ڪيائين. ان کان پوءِ 1963ع ۾ انٽر چارٽرڊ اڪائونٽنسي لاهور مان پاس ڪيائين.

خدمتون سنواريو

لاکي وڏو عرصو انڊسٽريز ۽ ڪمپنين ۾ نوڪري ڪئي. هو ريزيڊنٽ ڊائريڪٽر گيهه ڪارپوريشن ڪراچي، مئنيجنگ ڊائريڪٽر اي. ايم آئل ملز ۽ انڊسٽريز ڪراچي، مئنيجنگ ڊائريڪٽر مقبول ڪمپني لميٽڊ ڪراچي، مئنيجنگ ڊائريڪٽر وزير علي انڊسٽري حيدآباد، مئنيجنگ ڊائريڪٽر آصف انڊسٽريز شڪارپور، چيف اڪائونٽس آفيسر ڪراچي ٽرانسپورٽ ڪارپوريشن، ڊائريڪٽر فنانس سنڌ روڊ ٽرانسپورٽ ڪارپوريشن ڪراچي، پروجيڪٽ اڪائونٽنٽ سئيگل گروپ آف انڊسٽريز ۽ ٻين ڪيترن وڏن عهدن تي رهيو. 1998ع کان احمد ويجيٽيبل آئل ائنڊ ملز سکر ۾ جنرل مئنيجر جي عهدي تي ڪم ڪري 2001ع ۾ رٽائر ڪيائين. هن ڪيتريون ئي پروفيشنل قسم جون تربيتون پڻ حاصل ڪيون. هو سنڌ گرئجوئيٽس ائسوسيئيشن جي بنياد وجهندڙن مان آهي. سگا جو 1972ع کان فنانس سيڪريٽري ۽ 1994ع کان 2000ع تائين چيئرمئن رهيو. اهڙيءَ طرح لاکا ويلفيئر ائسوسيئيشن، پاڪستان ريڊ ڪرسينٽ کان سواءِ ٻين ڪيترن ادارن جو ميمبر ٿي رهيو. لاکو صاحب سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف بزنس اسٽڊيز جو اعزازي وزٽنگ پروفيسر به آهي. مهراڻ ايڊيويڪيشن فائونڊيشن جي بورڊ آف گورنرز جو چيئرمئن پڻ رهيو آهي.[1]

حوالا سنواريو

حوالا سنواريو