فـقـيـر بخشڻ خان ولد محمد رحيم چانڊيو 1860ع ڌاري ڳوٺ رحيم آباد (هيءُ ڳوٺ هن وقت ٽنڊي ڄام شهر جو غريب آباد نالي سان محلو آهي) ضلعي حيدرآباد ۾ ڄائو.

شوق سنواريو

هي نڙ جو شهنشاهه وڄائيندڙ ٿي گذريو آهي. ننڍپڻ ۾ مال چارڻ دوران کيس نڙ وڄائڻ جو شوق ٿيو، پوءِ الهه بخش نائچ کان باقاعدي سکيا ورتائين ۽ نڙ تي راڳ جي سکيا حاجي محمد صوفي رند ناري واري کان حاصل ڪيائين. فقير بخشڻ خان جي ڍير وارن صوفي فقيرن سان گهڻي صحبت هئي، جنهن ڪري پاڻ اڪثر ٿر ڏانهن گهڻو ويندو هو. فقير بخشڻ پير پاڳاري سيد صبغت الله شاهه ثاني جو مريد هو. صوفين جي صحبت ۾ تمام گهڻو سير ۽ سياحت ڪري زندگي گذاريائين.

وفات سنواريو

هو 1940ع ڌاري وفات ڪري ويو.[1]

حوالا سنواريو

حوالا سنواريو