بخشو لغاري، تعلقي حيدرآباد ۾ هڪ ديهه. جنهن ۾ هي ڳوٺ آباد آهن، ’دودو ملهاڻي‘، ’وڏل شاهه‘، ’بخشو لغاري‘، ’گل حسن سريوال‘، ’منگهيو‘، ’نياز علي بروهي‘، ’ڪولهين جا گهر‘، ’عبدالرحمان ٽالپر‘، ’سکيو بروهي‘، ’گل حسن لنڊ‘، ’امام بخش لنڊ‘، ’علي بخش بروهي‘، ’لغارين جا گهر‘ ۽ ’سريوالين جا گهر‘. هتي جي آبادي هزارن ۾ آهي ۽ هتي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ جدا جدا اسڪول آهن. بخشو لغاري ڳوٺ ۾ مشهور قومي ڪارڪن چاچو محمد علي لغاري رهاڪو آهي. بخشي لغاريءَ ڳوٺ ڀرسان ”گڙنگ“ جا مشهور ماڳ آهن، جن کي ڀٽائيءَ به ڳايو آهي[1]:

چيهو چکيءَ ۾ ٿيو، ٿيا گڙنگ مٿي گُل
(شاهه)

حوالا سنواريو