بخشل باغي نوابشاهه شهر جو رهندڙ آهي. هن جو اصل نالو الله بخش ولد محمد پريل خشڪ آهي، پر ادبي دنيا ۾ ”بخشل باغيءَ“ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. سندس جنم 19 اپريل 1975ع تي، دولت ڪالوني نوابشاهه ۾ ٿيو.

شاعري سنواريو

تعليم بي. اي اٿس. ڪچي ڦڪي شاعري 1988ع کان ۽ پختي شاعري 1991ع کان شروع ڪيائين. سندس شاعريءَ جا 5 مجموعا ڇپيل آهن:

  1. سمنڊ جي هن پار (1999ع)
  2. سپنو سنڌو ديس جو (2000ع)
  3. مٽيءَ جي خوشبوءِ (2003ع)
  4. آرسيءَ جا خواب (2004ع)
  5. ڊسمبر جي اڪيلائي (2006ع).

ان کان سواءِ هن شيخ اياز جا سموار غزل ترتيب ڏئي، ”هي روح جزيرو حيرت جو“ عنوان سان ڪتابي صورت ۾ شاهه اڪيڊمي ڪراچيءَ پاران ڇپرايو آهي. ان کان سواءِ نوابشاهه جي شاعرن جي تعارف ۽ ڪلام تي مشتمل ڪتاب ”سپنا ساڳيءَ مند جا“ (وسيم سومري سان گڏ:2003ع) به ڇپيل اٿس.

پيشو سنواريو

بخشل باغي گورنمينٽ پرائمري اسڪول حسين بخش مگسي، يو سي 1، نواب شاهه ۾ پرائمري استاد آهي.[1]

حوالا سنواريو

حوالا سنواريو